ڪو به شخص آئين کان مٿانهون ناهي، نون صوبن بابت فيصلو عوام ڪندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪو به شخص آئين کان مٿانهون ناهي، نون صوبن بابت فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي.
ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته آئين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو طريقيڪار موجود آهي ۽ ڪو به شخص يا ادارو آئيني طريقيڪار کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي.
هن چيو ته عوام جا چونڊيل نمائندا ايوان ۾ ويٺل آهن، تنهن ڪري ڪنهن کي به پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي موقف ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته راڻا ثناءُ الله اڄ صبح واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به ڪابينا اجلاس ۾ نون صوبن بابت اهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي هئي.
هن چيو ته خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال سياسي طور ختم ٿي چڪا آهن ۽ ڄاڻي واڻي چڙ ڏياريندڙ ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته جيئن ردعمل اچي.
پي ٽي آءِ باني عمران خان جي صحت بابت شرجيل ميمڻ چيو ته هو سندس صحت لاءِ دعاگو آهي، بيماري جي معاملي تي انسانيت جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي.

You might also like