ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون ٻه هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 61 هزار 936 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 1715 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 96 هزار 35 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 20 ڊالر مهانگو ٿيڻ سان 4 هزار 395 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
You might also like