اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجمينٽ انگلينڊ خلاف دوري جي پهرين ٽيسٽ لاءِ گرين پِچ کي نظر ۾ رکندي شروعاتي حڪمت عملي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، ليڊز جي پچ تي گاهه ۽ برسات جي اڳڪٿي سبب پاڪستان 7 اسپيشلسٽ بيٽرز ۽ 4 اسپيشلسٽ فاسٽ بالرن سان ميدان ۾ لهڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙين حالتن ۾ اسپنر ساجد خان يا علي عثمان کي کيڏائڻ جا امڪان گهٽ آهن، جڏهن ته ٽيم مئنيجمينٽ فاسٽ بالنگ کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيم جي پهرين پريڪٽس سيشن کانپوءِ بيٽرز ۽ بالرن جون الڳ الڳ گڏجاڻيون پڻ ٿيون، جن ۾ بالرن کي انگلينڊ جي بيٽرز ۽ بيٽرز کي انگلينڊ جي بالرن جون وڊيوز ڏيکاريون ويون.
انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم پچ ۽ موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي حتمي پلان کي آخري شڪل ڏيندي.
ليڊز جي گرين پِچ ۽ برسات جي اڳڪٿي، پاڪستان انگلينڊ کي هارائڻ لاءِ پلان تيار ڪري ورتو
You might also like