سنڌ ۾ ڪرپشن،الاٽمينٽ ۽ غيرقانوني ڀرتين جا ڪيس نيب ٻيهر کولي ڇڏيا

ڪراچي( ڪامران خان+اختيار کوکر)سنڌ ۾ ڪرپشن جا اهي فائل جن تي سالن کان مٽي ڄمي رهي هئي، هاڻي هڪ ڀيرو وري نيب  جي تحقيقات جي آڏو اچي چڪا آهن. ڪراچي جي قيمتي سرڪاري زمينن کان وٺي هزارين سرڪاري نوڪرين ۽ اربين رپين جي ڪرپشن ۽ گھوٽالن جا ڪيئي پراڻا باب نيب هڪ ئي وقت ٻيهر کولي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب  نيب هڪ تمام وڏي ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪري رهي آهي ۽ تحقيقات لاءِ نيب ڪراچي بيس لاءِ هڪ اسپيشل يونٽ به قائم ڪيو ويو آهي.سڀ کان وڏو معاملو ڪراچي جي سرڪاري زمينن جو آهي. نيب روينيو کاتي کان 270 ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. انهن ۾ 6,000 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جي مبينا غيرقانوني الاٽمينٽ، ريگولرائيزيشن ۽ رڪارڊ ۾ جعل سازي شامل آهي. 130 ڪيس سنڌ لينڊ ڪميٽي ذريعي ريگولرائيز ڪيا ويا آهن ۽ اهي  2,620 ايڪڙ زمين جا آهن، جنهن جو وڏو حصو ڪراچي جي مرڪزي ۽ پوش علائقن ۾ آهي.نيب 2021ع کان 2023ع دوران سنڌ ۾ هلندڙ ”سسٽم“ جي خاص ماڻهن ۽ ادارن کي الاٽ ڪيل وڌيڪ 1,107 ايڪڙ زمين جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي. هي معاملو ان ڪري به اهم آهي جو سپريم ڪورٽ نومبر 2012ع کان سنڌ ۾ سرڪاري زمينن جي االٽمينٽ ۽ منتقلي تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. تنهن هوندي، سسٽم جي رستي ۾ سپريم ڪورٽ جي پابندي به آڏو نه آئي ۽ بي حساب الاٽمينٽس ٿينديون رهيون.ضلعي ملير جي 3,515 ايڪڙ زمين جي رڪارڊ  ۾ تبديلين جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي، جن ۾ جعل سازي ذريعي اربين رپين جي سرڪاري زمين هڙپ ڪرڻ جا الزام آهن.ذريعن موجب معاملو صرف زمينن تائين محدود ناهي،نيب سنڌ جي مختلف بلدياتي ادارن ۾ 13,000 کان وڌيڪ غيرقانوني ڀرتين جو رڪارڊ به گهري ورتو آهي. الزام آهي ته 2011ع کان 2014ع دوران گريڊ 1 کان 15 تائين سياسي سفارشن، رشوت ۽ اقربا پروري جي بنياد تي ڌڙا ڌڙ ڀرتيون ڪيون ويون.ان کان علاوه، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزامن هيٺ هلندڙ نيب جا 10 ريفرنسز به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هاڻي ٻيهر نيب ۽ احتساب عدالتن ۾ واپس اچي ويا آهن. هيءَ به هڪ تمام وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. هي سڀ ريفرنسز نيب آرڊيننس 2022ع تحت صوبائي  اينٽي ڪرپشن کي موڪليا ويا هئا. انهن ريفرنسز ۾ ڪرپشن جي رقم 40 ارب رپين کان وڌيڪ ٻڌائي وئي هئي.يعني زمينن کان وٺي سرڪاري ڀرتين ۽ وڏن نيب ريفرنسز تائين سنڌ ۾ سالن کان پراڻا معاملا هاڻي ٻيهر تحرڪ ۾ آهن. هاڻي اصل اهميت ان ڳالهه جي هوندي ته هي فائل صرف انڪوائري تائين محدود رهن ٿا يا واقعي ڪارروائي ۽ انجام تائين پهچن ٿا؟ذريعن ٻڌايو ته هي ڪريڪ ڊائون هڪ فيصلائتي موڙ تي پهچندو

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ۾ اڱارو،18آگسٽ 2026ع تي شايع ٿيو

You might also like