امان الله شيخ پنھنجي ڪتاب ڪتابن منجھھ ڪيميا ۾ ويھين صدي جي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ شايع ٿيل پنھنجي دور جي نھايت اھم ڪتابن جو اڀياس پيش ڪيو آھي. ھن جن ڪتابن جو اڀياس پيش ڪيو آھي، اھي ھيٺين ريت آھن:
سنڌ ۾ آفيسر شاھي انتظاميا جا ڪجھھ نقش ونگار، ھندستان جي مھم جوئي ، سنڌ جي عظمت، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي ، سنڌ جا سُورَ ، سنڌ بچايو براعظم بچايو ، نئين سنڌ لاءِ جدوجھد ، فريادِ سنڌ ، ورھاڱي جا وڍ! ، جناح: ھندستان، ورھاڱو ۽ آزادي! ، خدا خاطر جنگ ، تھذيبن جو ٽڪراءُ ، مستشرقيت (Orientalism) فوجي ڪارپوريشن پاڪستاني فوج جو اندروني اقتصادي جائزو، شھادتن جي مُند ، سنڌوءَ جون سلطنتون ، فريب جي ڪاڪ محل ڏانھن سفر ، ماڳ جي ڳولا ۾ ، پاڪستاني وفاقيت جي سوانح عمري ، آمريڪا بھادر ۽ والار تحريڪ ، سرچاءُ: اسلام، جمھوريت ۽ مغرب ،
ڏٺو وڃي تھ مٿي ڄاڻايل ڪتاب انگريزن جي شروعاتي دور کان وٺي 2007ع ۾ سنڌ جي نياڻي شھيد ھ بينظير ڀٽو جي شھادت تائين نھ رڳو سنڌ پر پاڪستان، ننڍي کنڊ ۽ بين الاقوامي صورتحال ۾ آيل اٿلن پٿلن، مسئلن ۽ مامرن جي پسمنظر ۽ پيش منظر کي سمجھڻ جي ڏس ۾ نھايت اھم آھن. جيتوڻيڪ ھي سڀ ڪتاب نھايت اھم ۽ پڙھڻ جوڳا آھن، پر مان پنھنجي ھن اڄوڪي تقرير ۾ انھن مان ڪجھھ چونڊ ڪتابن تي اڀياس بابت پنھنجا ويچار پيش ڪرڻ گھران ٿو.
- سنڌ ۾ آفيسر شاھي انتظاميا جا ڪجھھ نقش و نگار (جئرام داس دولت رام) ھي ڪتاب 1918ع ۾ شايع ٿيو جنھن ۾ انگريزن جي حڪمراني جي شروعات ۾ سنڌ جي بمبئي سان ڳنڍيل ھجڻ واري دور ۾ سنڌ جي عوام سان ٿيل ناانصافين، ڪامورن پاران ٿيل زيادتين جنھن ۾ خاص طور سنڌ جي ھارين ۽ پورھيتن کان ڇيڙ، بيگر، رسائي ۽ لاپي وٺڻ جھڙا ظلم شامل آھن، جي نشاندھي ڪئي وئي آھي، پر حيرت ۽ افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ بمبئي جي قانونساز ڪائونسل ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي انھن ظلمن جي خاتمي لاءِ جڏھن ٺھراءُ پيش ڪيو تھ سنڌ مان ئي ھڪ ميمبر خان بھادر پير بخش کھاوڙ انھي ٺھراءَ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ بيان ڏنو تھ سنڌ ۾ ڪابھ ڏکوئيندڙ صورتحال موجود ڪونھي. ايوان جي ھڪ ٻئي ميمبر غلام محمد ڀرڳڙيءَ سان سھمت ٿيندي خان بھادر پير بخش کھاوڙ جي راءِ کي رد ڪندي ۽ ٽوڪيندي چيو شاھھ کان وڌيڪ شاھھ جو وفادار!(ڪتابن منجھه ڪيميا، ص-40) ساڳئي ڪتاب جو اڀياس ڪندي ان وقت جي سنڌ جي سڀني سماجي، معاشي ۽ سياسي مسئلن کان آجپي ۽ حل جو ذريعو تعليم ۽ سنڌ جي خودمختياري ڄاڻايو ويو آھي. ڏٺو وڃي تھ جيتوڻيڪ اڄوڪي سنڌ ۾ ڇيڙ، بيگر، رسائي ۽ لاپي وارا مسئلا تھ نھ آھن پر پوءِ بھ اڄوڪي سنڌ جي سڀني مسئلن جو حل پڻ تعليم ۽ خودمختياري ۾ سمايل آھي.
- سنڌ جي عظمت (مسز ايس ايس ٽي اوئس ڪُوري) ھي ڪتاب 1932ع ۾ سنڌ جي ھڪ ھڏ ڏوکي يورپي ليکڪا مسز ايس ايس ٽي اوئس ڪُوري لکي شايع ڪرايوجنھن ۾ تڏھوڪي سنڌ جي پوليٽيڪل اڪانامي ۽ سياسي اقتصادي مسئلن جو مختصر مگر ڀرپور جائزو پيش ڪيو ويو آھي. ڪتاب جي ليکڪا پاران سنڌ جي مسئلن جي اپٽار ڪرڻ بعد امان الله شيخ لکي ٿو: انھيءَ جي ساري ڏکڻھار ڪي صورتحال جو ذميوار بمبئي کاتي کي ڄاڻائي ٿي جيڪو سنڌ جو رت ۽ ست ھڪ خوني جانور جيان پي رھيو آھي ۽ پرڏيھي وظيفن (Allowances) جي نالن تي ٻين علائقن مان آيل آفيسرن کي ورسايو ويو آھي. ان کان اڳڀرو ۽ اتر اولھھ ريلوي سرشتي (North Western Railways) بابت لکي ٿي ان جو ھيڊ ڪوارٽر لاھور آھي جتان آفيسرن کان وٺي ھيٺينءَ سطح تائين اماڻيا وڃن پيا.، يورپ جي لکارڻ اڃا بھ ڳالھھ کي وڌيڪ اجاڳر ڪندي لکي ٿي پنجاب پنھنجي ڏاڍ مُڙسيءَ سان درياھي ڌاڙيلن جھڙا حربا سنڌ تي آزمائڻ ۾ ڪابھ ڪسر ڪانھ ڇڏي آھي. (ڪتابن منجھه ڪيميا، ص-52) حيرت جي ڳالھھ اھا آھي تھ اڄوڪي سنڌ پڻ لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال مان گذري رھي آھي.
- سنڌ بچايو براعظم بچايو (محمد ابراھيم جويو): ھي ڪتاب سنڌ جي برک عالم ۽ عظيم ڏاھي محمد ابراھيم جويي صاحب پاڪستان ٺھڻ کان ٿورو عرصو اڳ انگريزي ۾ لکي شايع ڪرايو. جنھن ۾ ھن دليلن سان سنڌ جي خودمختياري جو ڪيس پيش ڪيو پر جويو صاحب کي اھڙي اھم ڪتاب لکڻ تي کيس آفرين ڏيڻ بدران کيس سنڌ مدرسة الاسلام جي نوڪري مان خارج ڪيو ويو جيڪو سنڌ جي تاريخ جو ھڪ ڏکوئيندڙ واقعو آھي. امان الله شيخ صاحب ھن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ لکي شايع ڪرايو. جيئن تھ ھي ڪتاب ويھين صدي جو ھڪ اھم ڪتاب ھو تنھنڪري ھن ڪتاب جو اڀياس پڻ ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. شيخ صاحب سائين جويو صاحب جي ڪتاب جي حوالي سان ٽي اھم نڪتا ڄاڻايا آھن جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا:
- اسان سنڌ واسين کي ٺھندڙ پاڪستان يا ھندستان ۾ پنھنجو حق خود اراديت گھرجي ۽ جيڪڏھن ڪنھن بھ ڌر کي اسان جي گھرج آھي تھ ٻين شامل ٿيندڙ علائقن جھڙا حق ملڻ گھرجن. ان ڪري قانون سازي ۽ حڪومت سازيءَ ۾ ھڪ جيترو ڀاڱو ملڻ گھرجي. اسان کي تواريخي، سماجي ۽ سياسي لحاظ کان برابريءَ وارا حق گھرجن، ڇو تھ اھو اسان جو ڄائي ڄم کان ورثو آھي.
- اسان سنڌ واسين کي پنھنجي سڀني اقتصادي وسيلن تي اختيار ھئڻ ۽ سمورو راڄنيتي وھنوار ۽ ان جون واڳون اسان جي ھٿ وسيڪا ھجن.
- ھيءُ اھو دور آھي جنھن ۾ اسان جي عوام کي بنا ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي آزاديءَ جي ڦل کائڻ جو اڌيڪار (حق) ملڻ گھرجي. (ڪتابن منجھه ڪيميا، ص66-67)
جويو صاحب پاران 1947ع ۾ نھايت جرئتمندي سان مٿي ڄاڻايل نڪتن تي ٻڌل سنڌ جو سياسي ڪيس پيش ڪرڻ سنڌ جي تاريخ جو ھڪ نھايت اھم ڪارنامو آھي.
- نئين سنڌ لاءِ جدوجھد (جي ايم سيد):
ھي ڪتاب جي ايم سيد پاڪستان ٺھڻ کان ستت پوءِ لکيو جنھن ۾ 1936ع ۾ سنڌ جي خودمختيار صوبي بڻجڻ کان وٺي 1947ع واري سال ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ تائين ۽ ان کانپوءِ پيش آيل واقعن ۽ حالتن جي اپٽار ۽ تجزيو ڪيو ويو آھي. ھي ڪتاب انھيءَ ڪري بھ نھايت اھميت رکي ٿو ڇاڪاڻ تھ ڪتاب جو ليکڪ انھي سموري صورتحال جو اکين ڏٺو شاھد ھو. ھن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنھنجي سياسي سفر ۾ ايندڙ لاھن چاڙھن جي نشاندھي واضح طور ڪئي آھي جنھن جو اڀياس ڪندي امان الله شيخ لکي ٿو: سيد جي سوچ ۽ ذھن ۾ سنڌ جي ترقي سڀ کان وڌيڪ اھميت رکندڙ ھُئي. ان جي اُپٽار ڪندي لکي ٿو آل انڊيا جوڙ جڪ واري مسئلي ڪڏھن بھ منھنجي سياسي جدوجھد ۾ پھريون درجو نھ والاريو آھي. انھيءَ جذبي سان اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيڻ بعد ڪانگريس ۾ شامل ٿيس ۽ انھيءَ جي پليٽ فارم ذريعي ئي سنڌ جي سُڌاري جي ڪوشش ڪيم. (ڪتابن منجھه ڪيميا، ص-73)
اھڙي ريت سيد صاحب جي ھن ڪتاب ۾ ڪانگريس کان پوءِ سنڌ اتحاد پارٽي، مسلم ليگ ۽ ان پاران مسجد منزل گاھھ ۽ ٻيون تحريڪون ھلائڻ ۽ وزارتن ۾ شامل ٿيڻ جي سببن ۽ پسمنظر جي واقعن ۽ حالتن جي پيرائتي نموني ڄاڻ ڏني ويئي آھي، تنھنڪري ھن ڪتاب کي سنڌ جي سياسي تاريخ جو ھڪ اھم ماخذ ليکيو ويو آھي.
امان الله شيخ پاران مٿي ڄاڻايل ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتاب پڻ نھايت اھم آھن، جن جو اڀياس ھن پنھنجي ڪتاب ڪتابن منجھھ ڪيميا ۾ شامل ڪيو آھي جن ويھين صدي ۾ سنڌ، پاڪستان، ننڍي کنڊ ۽ بين الاقوامي سطح جي سياست توڙي فڪر ۽ فلسفي جي دنيا ۾ ھلچل مچائي. سندس چونڊ نھايت اھم آھي. مان سنڌ جي سڀني نوجوانن کي گذارش ڪندس تھ ھو نھ رڳو پھرين فرصت ۾ ڪتاب ڪتابن منجھھ ڪيميا پڙھي پورو ڪن پر گڏوگڏ جن ڪتابن جو اڀياس ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي انھن جو پڻ مطالعو ڪن.