واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبناءِ هرمز هرمز واري معاملي تي عمان کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آبناءِ هرمز هرمز کولڻ جي آمريڪي ڪوششن ۾ عمان رنڊڪ بڻيو ته ان تي شديد بمباري ڪئي ويندي.
آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا وٽ اڃا به هٿيارن جا وڏا ذخيرا موجود آهن.
هن چيو ته آمريڪا هن وقت تائين جيترا هٿيار استعمال ڪيا آهن، اهي تمام ٿورا آهن ۽ آمريڪا وٽ وچولي درجي جا ڪيترائي هٿيار موجود آهن.
آمريڪي صدر چيو ته ايران هاڻي اڇو جهنڊو کڻي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪري.
ٽرمپ اهو به ٻڌايو ته کيس ايران سان جاري تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪا تڪڙ ناهي، سندس انتظاميا ايران جي پاسداران انقلاب سان سڌي ريت رابطي لاءِ هڪ بئڪ چينل قائم ڪيو آهي.
واضح رهي ته ايران گذريل هفتي چيو هو ته هو آبناءِ هرمز هرمز ٻيهر کولڻ واري معاملي تي عمان سان ڳالهين ۾ رڌل آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري جهازن جي اچ وڃ بحال ڪرڻ لاءِ امڪاني معاهدي تي اڳڀرائي جون خبرون به سامهون آيون آهن.
You might also like