قتل ڪيس ۾ معاوضي جي رقم ڪيتري هوندي؟ سپريم ڪورٽ اهم فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قتل جي ڪيس ۾ معاوضي جي رقم ڪيتري هوندي ۽ ان جو تعين ڪهڙي وقت ۽ طريقي سان ڪيو ويندو، ان بابت اهم فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.
جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سپريم ڪورٽ جوابدار نديم خان جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪيو.
جوابدار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدار پنهنجي سزا پوري ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هو رڳو عرش جي رقم ادا نه ڪرڻ جي سزا ڪاٽي رهيو آهي.
خيبر پختونخوا جي پراسيڪيوٽر ارشد حسين چيو ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي ۽ رقم جي تعين بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي.
جسٽس هاشم ڪاڪڙ رمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ بنيادي طور تي 3 سوال آهن، ڇا معاوضي جي رقم واقعي، گرفتاري يا سزا جي وقت مقرر ڪئي ويندي؟
پراسيڪيوٽر ارشد حسين جواب ڏنو ته هن وقت معاوضي جي رقم هڪ ڪروڙ 97 لک رپيا آهي.
جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن قتل ٿورو مهانگو هجي ته شايد ماڻهو رڪي وڃن، سعودي عرب ۾ اڄ به معاوضي طور 100 اُٺ ڏنا ويندا آهن.
جسٽس اشتياق ابراهيم رمارڪس ڏنا ته وقت تي فيصلو نه ڏيڻ نظام جي خرابي آهي ۽ نظام جي خرابي جي سزا جوابدار کي نٿي ڏئي سگهجي.
پراسيڪيوٽر ارشد حسين دليل ڏنا ته جوابدار جي عمر جو تعين گرفتاري جي وقت کان ڪيو ويندو آهي.
عدالت سڀني پراسيڪيوٽرز کي هدايت ڪئي ته ان معاملي تي پنهنجون لکيل گذارشون ۽ درخواستون جمع ڪرائين.

You might also like