صوبا ٺاهڻ آءِ ايس پي آر جو ڪم ناهي، سنڌ ۾ نئون صوبو نه ٺهندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ ايس پي آر جو ڪم صوبا ٺاهڻ ناهي، صوبا ٺاهڻ جو اختيار اسيمبلين وٽ آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ وڏي عرصي کانپوءِ ايڪتا پيدا ٿي آهي، پر ڪجهه اينڪر غير ذميواراڻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو ٽي وي تي ويهي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، انهن کي سوچڻ گهرجي.
سعيد غني چيو ته جيڪو وڻيو سو ڪيو، سنڌ ۾ صوبو نه ٺهندو، هوش کان ڪم وٺو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي نفرتن ڏانهن ڇو ڌڪيو پيا؟ هن چيو ته صوبن جي قيام بابت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي صورتحال سنڌ کان مختلف آهي.
هن ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ ۾ صوبن لاءِ ايم ڪيو ايم ٽپا ڏئي رهي آهي ۽ نفرتون پيدا ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جا ٽي چار ماڻهو هڪ ٻئي سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار ناهن، پوءِ سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڇو ڪري رهيا آهن؟
سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم سان معاهدي تحت ڪراچي کي الڳ مڪاني نظام ڏنو ويو هو، جنهن خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿيو.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز قيادت کي اهو نظام واپس وٺڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ پارٽي مجبور ٿي ٻٽو مڪاني نظام واپس ورتو.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه تي سنڌ جا ماڻهو پيپلز پارٽي کي ويهڻ نه ڏيندا، جڏهن ته ٻيون جماعتون به سنڌ جي ورهاڱي خلاف آهن.
جماعت اسلامي بابت ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي عوام لاءِ احتجاج جي ڳالهه ڪري ٿي، پر 18 هنڌن تي شهر جا روڊ بند ڪري عوام کي تڪليف ڏئي ٿي.
هن چيو ته عوام کي تڪليف ڏيڻ سان شهباز شريف تي ڪهڙو فرق پوندو؟ جماعت اسلامي جو مقصد ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ آهي.
ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان قائرا چيو آهي ته صوبن پاڪستان ٺاهيو هو، تنهنڪري صوبن کي ٽوڙڻ کان اڳ ياد رکڻ گهرجي ته ملڪ ۾ اڳ ئي فالٽ لائينز موجود آهن.
هواڏنهن وفاقي حڪومت جي ترجمان خليق الزام انصاري به چيو آهي ته وفاق نون صوبن بابت ڪو فيصلو ناهي ڪيو، جڏهن ته هڪ وزير طرفان ڏنل بيان سندس ذاتي راءِ هئي.
هن واضح ڪيو ته سنڌ جو ورهاڱو برداشت نه ڪيو ويندو ۽ مسلم ليگ ن ان جي مزاحمت ڪندي.

 

You might also like