واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ عرب، يورپي ۽ آمريڪي عملدارن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون، قطر، ڪويت ۽ بحرين جون حڪومتون هاڻي ٽرمپ انتظاميا جي طرزِ عمل تي ناراض ۽ پريشان آهن.
خليج جا آمريڪي اتحادي ان ڳالهه تي ڳڻتي ۾ مبتلا آهن ته ٽرمپ ايران سان امن لاءِ ضروري سفارتي عمل کي اثرائتي نموني اڳتي وڌائڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي.
واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب ڪيترن ئي خليجي ملڪن پنهنجي سرزمين تي آمريڪي فوجي اڏن جي ميزباني جاري رکڻ يا نه رکڻ بابت پڻ غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٽن هاڻوڪي آمريڪي عملدارن ۽ هڪ اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار اخبار کي ٻڌايو ته ڪيترن ئي مهينن کان جاري جنگ ۽ ايران توڙي ان جي اتحادي گروهن جي مسلسل ميزائل ۽ ڊرون حملن کانپوءِ ڪجهه خليجي ملڪن ۾ اهو بحث به شروع ٿي ويو آهي ته پنهنجي سرزمين تي وڏن آمريڪي فوجي اڏن جي موجودگي آخر ڪيتري فائديمند آهي.
آمريڪي اخبار موجب هڪ خليجي ملڪ جي اعليٰ عهديدار چيو ته هي جنگ ٽرمپ شروع ڪئي ۽ ان جي قيمت اسان ادا ڪري رهيا آهيون.
رپورٽ موجب خليجي ملڪ اڃا تائين واشنگٽن کي پنهنجو ويجهو دفاعي ساٿي ۽ هٿيارن جو وڏو فراهم ڪندڙ سمجهن ٿا. قطر ۽ بحرين ۾ آمريڪا جا وڏا فوجي اڏا پڻ موجود آهن.
تنهن هوندي به وڌندڙ مايوسي سبب ڪجهه خليجي ملڪ نئين دفاعي انتظامن تي غور ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ملڪن متبادل رستا ڳولڻ پڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
گذريل هفتي سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدي کي هڪ سينيئر يورپي عهديدار آمريڪا لاءِ اشارو قرار ڏيندي چيو ته مڪي دفاعي معاهدو ٽرمپ لاءِ واضح پيغام آهي ته خليجي ملڪ هاڻي پنهنجي دفاعي سلامتي لاءِ رڳو آمريڪا تي ڀاڙڻ نٿا چاهين.