آزاد ڪشمير چونڊ نتيجا تاريخ ۾ ”فارم 47 پلس“نالي سان ياد رکيا ويندا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جا نتيجا تاريخ ۾ "فارم 47 پلس” جي نالي سان ياد رکيا ويندا، هن چيو ته مسلم ليگ نون هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخي ڌانڌلي ذريعي خيراتي مينڊيٽ حاصل ڪيو آهي، عوام 2024 ۾ به مسلم ليگ نون کي رد ڪيو ۽ 2026 ۾ به عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جعلي مينڊيٽ ذريعي حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي، پر عوام ۾ مقبوليت ۽ حقيقي عوامي حمايت حاصل نه ٿي ڪري سگهجي،هن چيو ته پيپلز پارٽي کي شڪايت ڪرڻ کان اڳ، نواز شريف کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته آزاد ڪشمير ۾ سياسي صورتحال ڪيئن پيدا ٿي، پيپلز پارٽي هميشه جمهوري اصولن عوامي مينڊيٽ ۽ سياسي رواداري جو احترام ڪيو آهي.

You might also like