مري(عوامي آواز نيوز)مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير ۾ پهريون ڀيرو جيڪو ماحول پيدا ٿيو آهي، اهو اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. اهو ان ڪري ٿيو آهي جو گذريل حڪومتن پنهنجو فرض ادا نه ڪيو. جيئن پنجاب کي تبديل ڪيو آهي، تيئن آزاد ڪشمير کي به تبديل ڪنداسين.مري ۾ ن ليگ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته هاڻي عوام جي اعتماد کي ڇيهو رسائڻ جي ڪا گنجائش ناهي. جيڪڏهن اسان آزاد ڪشمير ۾ عوام کي ڊليور نه ڪيو ته ماڻهو ناراض ٿيندا. ماضي ۾ آزاد ڪشمير جي حڪومت عوامي اميدن تي پوري نه لهي سگهي. آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي ۽ بهبود اسان جي ترجيح آهي.هن چيو ته آزاد ڪشمير جا ماڻهو پنجاب ڏانهن ڏسي رهيا آهن. آزاد ڪشمير کي وڌ کان وڌ فنڊ ڏيڻ گهرجن. مان ڪوشش ڪندس ته جيڪي واعدا ڪيا آهن، انهن کي پورو ڪريان. آزاد ڪشمير ۾ ن ليگ جي حڪومت هوندي.نواز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ روڊ ۽ اسپتال ٺهڻ گهرجن، ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ گهرجن ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. پنجاب جون روڊون ۽ اسپتال ڏسي ماڻهن جي دل چوي ٿي ته آزاد ڪشمير ۾ به اهڙو ئي نظام هجي. آزاد ڪشمير جي شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپ ڏنا وڃن ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪسان ڪارڊ پڻ ملڻ گهرجي.هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جڏهن ته جيڪي چونڊ نه کٽي سگهيا، انهن کي به شاباش ڏيان ٿو. اوهان مخالفن جي مهم جو ڀرپور مقابلو ڪيو. ڪجهه شڪايتون اسان تائين پهتيون، جنهن تي مون کي افسوس ٿيو.هن چيو ته رياست ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي، اميد نه هئي ته پيپلز پارٽي طرفان شڪايت جو ڪو موقعو ملندو. آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جو وزيراعظم هو. اسان هميشه مخالفن سان سٺو ورتاءُ ڪيو آهي. سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي. آزاد ڪشمير جو ماحول هميشه سٺو رهيو آهي، ان ۾ اهڙي قسم جا جراثيم داخل ٿيڻ سٺي ڳالهه ناهي.هن چيو ته مون کي پنهنجن ڪجهه ساٿين جي هار جو تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. انهن عنصرن جو جائزو وٺڻ گهرجي، جن سبب اهي شڪست سان منهن مقابل ٿيا. اسان جا اميدوار سٺا هئا، جيڪڏهن انهن کي شڪست ٿي آهي ته سندن شڪست جا سبب ڳولڻ گهرجن. آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرين ٻن مرحلن ۾ اسان کي اڪثريت ملي چڪي آهي. امير مقام اهڙي طرح چونڊ مهم هلائي رهيا هئا، ڄڻ اها سندن پنهنجي چونڊ هجي. اسان کي حوصلو نه هارڻ گهرجي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان تمام جلد مسئلن تي ضابطو آڻي وٺنداسين. اسان کي پنهنجي منشور تي 100 سيڪڙو عمل ڪرڻو آهي. آزاد ڪشمير جبلن وارو علائقو آهي، هتي هيلي ڪاپٽر هجڻ ضروري آهي. شهباز شريف آزاد ڪشمير حڪومت کي هيلي ڪاپٽر ڏئي.هن چيو ته جڏهن مان وزيراعظم هئس ته ڊالر 100 رپين جو هو، ان کان پوءِ ڊالر ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو. هڪ حڪومت جيڪي نعرا هنيا هئا، اهي سڀ جا سڀ بيڪار ثابت ٿيا، ڪنهن به نعري تي عمل نه ٿيو. مان تنقيد ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، پر نعرن واري حڪومت دوران پاڪستان جي جيڪا حالت ٿي، اهڙي حالت مون پاڪستان جي ڪڏهن به نه ڏٺي.نواز شريف چيو ته هاڻي شهباز شريف سمورا معاملا درست ڪري رهيو آهي. جڏهن شهباز شريف حڪومت سنڀالي ته حالتون تمام خراب هيون. اڄ حالتون ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهيون آهن ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو وڃي.هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي ۽ پاڪستان معاشي طور تي خودمختيار ملڪ بڻجي.هن چيو ته سياست ۾ مخالفت هوندي آهي، پر ان کي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي. اسان هميشه سياسي مخالفن سان سٺو ورتاءُ ڪيو آهي. اسان هميشه سياسي مخالفن سان سٺو سلوڪ ڪيو آهي. سياست ۾ مخالفت هوندي آهي، پر اها مخالفت ايتري اڳتي نه وڃڻ گهرجي جو دشمني ۾ تبديل ٿي وڃي.