سنڌ ۾ هڪ به روڊ ٺيڪ ٺهيل ناهي:مريم نواز

مري(عوامي آواز نيوز) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ کٽي ته ڌانڌلي جي ڳالهه نه ڪئي، پر آزاد ڪشمير ۾ هارائي ته ڌانڌلي جو الزام لڳائي ڇڏيو.ن ليگ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ن ليگ کي ڪاميابي ملي ۽ آزاد ڪشمير جي عوام ڏکين حالتن ۾ بهترين فيصلو ڪيو.مريم نواز چيو ته دنگا فساد، قتل ۽ غارت، خونريزي، احتجاج ۽ هڙتالن کي آزاد ڪشمير جي عوام ووٽ جي طاقت سان شڪست ڏني. شرپسند عنصر پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير کي پاڻ ۾ وڙهائڻ چاهيندا هئا، انهن لاءِ اها بدترين شڪست آهي. آزاد ڪشمير جي عوام کي خبر آهي ته کين ڇا گهرجي، ۽ کين اهو به خبر آهي ته وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي،هن پ پ تي اڻ سڌي تنقيد ڪندي چيو ته اهي صفائي جو واعدو نٿا ڪري سگهن انهن جي پنهنجي پوري صوبي ۾ ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن،خطاب جي جوش ۾ اهو وساري ويٺا ته آزاد ڪشمير ۾ سندن ئي حڪومت آهي،روڊن جو واعدو اهي نٿا ڪري سگهن ڇو ته سندن پنهنجي صوبي ۾ روڊ ٽٽل آهن،انهن پنهنجي عوام کي ٽٽل بسون ڏنيون آهن،هن چيو ته  ن ليگ خلاف جيتريون سازشون ٿينديون رهيون آهن، شايد ئي ڪنهن ٻي جماعت خلاف ٿيون هجن. اسان جي قيادت کي به تمام ڏکين مرحلن مان گذرڻو پيو.هن چيو ته شهبازشريف وڏي دل جو مظاهرو ڪري پ پ کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني،پ پ آزاد ڪشمير ۾ اڪثريتي پارٽي نه هئي،ڪنهن هڪ جماعت جو مستقبل روشن آهي ته اها ن ليگ آهي،

You might also like