ڪراچي (رپورٽر) نوجوان واپاري مير رضا جي قتل ڪيس جي نئين جاچ آفيسر سراج لاشاري عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته عدالت ڪيس جي جاچ ۾ سستي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڪيس جو فريادي مير حسين پڻ پنهنجي وڪيل جبران ناصر سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. جاچ آفيسر سراج لاشاري عدالت کي ٻڌايو ته محمد احمد جو بيان شاهد طور رڪارڊ ڪيو ويو آهي، مقتول مير رضا جي ڪاروباري ڀائيوار محمد احمد عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن به پوليس کيس گهرايو آهي، هو پيش ٿيو آهي. کيس 6، 6 ڪلاڪن تائين ويهاريو ويندو آهي. 13 آگسٽ تي به پوليس کيس گهرايو هو ۽ هو پيش ٿيو هو، عدالت محمد احمد سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جڏهن توهان کي گهرايو ته توهان کي وڃڻو آهي. ان دوران نه ته گهر تبديل ڪرڻو آهي ۽ نه ئي پوليس کي ٻڌائڻ کانسواءِ شهر کان ٻاهر وڃڻو آهي، ڇاڪاڻ ته توهان عبوري ضمانت تي آهيو، فريادي جي وڪيل چيو ته محمد احمد جو بيان شاهد طور رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ضمانت جي درخواست رد يا منظور ٿي ته اهو شاهد کان جوابدار بڻجي سگهي ٿو، عدالت جاچ ۾ سستي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته مقتول جو والد، خاندان ۽ شهر جا ماڻهو پريشان آهن. هڪ ماڻهو قتل ٿيو آهي، تنهن ڪري جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪي به حقيقتون آهن، اهي سامهون آنديون وڃن، جاچ آفيسر سراج لاشاري چيو ته کيس 13 آگسٽ تي ڪيس جي جاچ ملي آهي، ڪيس ۾ 35 ماڻهن کان جاچ جاري آهي، جيڪي به مير رضا سان رابطي ۾ هئا، انهن سڀني کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، سراج لاشاري موجب ڪال رڪارڊ جي بنياد تي واقعي واري ڏينهن مير رضا سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن کي خاص طور تي گهرايو ويو آهي، محمد احمد ۽ مير رضا وچ ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، پر هن وقت تائين ڪو به جوابدار سامهون ناهي آيو ۽ نه ئي ڪنهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو، عدالت محمد احمد جي عبوري ضمانت ۾ 24 آگسٽ تائين واڌ ڪندي کيس جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جاچ اڃا مڪمل ناهي ٿي، تنهن ڪري وڌيڪ مهلت ڏني وڃي. عدالت جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ 24 آگسٽ تائين مهلت ڏيندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل جاچ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، مقتول مير رضا جي وارثن طرفان اين سي سي آءِ اي کان فارنزڪ ڪرائڻ تي خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا، جڏهن ته جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان وڌيڪ اهم ثبوت پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.