اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق يومِ آزادي جي تقريبن دوران روڊن تي ٿيندڙ گوڙ، بدتميزين جي طوفان ۽ شهرين کي پيش ايندڙ ڏکيائين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آزاديءَ جو ڏينهن رڳو جهنڊا لهرائڻ، باجا وڄائڻ، ناچ گاني، ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ هڪ ٻئي جي تعريفن تائين محدود ٿي وڃي ته اهو رويو ملڪ ۽ قوم لاءِ ڳرو ثابت ٿي سگهي ٿو.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي خواجا سعد رفيق پنهنجي بيان ۾ چيو ته يومِ آزادي جي رات روڊن تي بي هَنگم گوڙ، هُلڙبازي ۽ اڻ وڻندڙ حرڪتن جو اهڙو سلسلو ڏسڻ ۾ آيو، جو جيڪي ماڻهو ڪنهن ضروري ڪم لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪتا، اهي پريشان ٿي واپس موٽي آيا. هن صورتحال ۾ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل، امير ۽ غريب، ننڍي ۽ وڏي ۾ ڪا به تميز نظر نه آئي.هن اسلام آباد ۾ 13 ۽ 14 آگسٽ جي وچ واري رات پيش آيل صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته هڪ سرڪاري تقريب جي سيڪيورٽي لاءِ ڪيترائي رستا ڪنهن به اڳواٽ اعلان کانسواءِ اوچتو بند ڪيا ويا، جنهن سبب هزارين عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊن تي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. سوال اهو آهي ته شهرين کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جو ڪنهن نوٽيس ڇو نه ورتو؟سندس چوڻ هو ته يومِ آزادي جي موقعي تي ملڪ جي قيام لاءِ پنهنجون جانيون، عمريون، عزتون، ملڪيتون ۽ گهر بار قربان ڪندڙ ماڻهن جو ذڪر به سياسي يا سرڪاري تقريبن ۾ نمايان طور تي ٻڌڻ ۾ نه آيو. سياسي پارٽيون روايت موجب ننڊ ۾ رهيون، جڏهن ته ”انجمنِ ستائشِ باهمي“ سرگرم رهيون.خواجا سعد رفيق چيو ته پاڪستان کي هن وقت بدترين لاقانونيت، غربت ۽ دهشتگردي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ يومِ آزادي کي رڳو رسمي تقريبن تائين محدود ڪرڻ بدران، ان ڏينهن کي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ، آئين جي تحفظ، شهرين جي ڀلائي ۽ قومي ذميوارين جي تجديدِ عهد جو موقعو بڻائڻ گهرجي.هن چيو ته جيڪڏهن رياست جو آزاديءَ جو ڏينهن بحرانن جي حل لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ، آئين جي تحفظ ۽ شهرين جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻڻ بدران رڳو جهنڊا لهرائڻ، باجا وڄائڻ، ناچ گاني، هُلڙبازي، ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ هڪ ٻئي جي تعريفن تائين محدود ٿي وڃي ته اها بي فڪري ملڪ ۽ قوم کي تمام گهڻي مهانگي پئجي سگهي ٿي.خواجا سعد رفيق چيو ته آزاديءَ جو حقيقي تقاضو صرف جشن ملهائڻ ناهي، پر ملڪ جي موجوده صورتحال جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻ ۽ پاڪستان کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ پڻ آهي.