جشن آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ کان پوءِ پاڪستان جي عوام آڏو سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته هاڻي اڳتي جو رستو ڪيئن هموار ڪيو وڃي؟ ڇا ملڪ به جمهوريت ۽ خوشحالي جي سفر جي شروعات ڪري سگهندو. البته ڪنهن وٽ به هن سوال جو واضح جواب موجود ناهي ته اهو معجزو آخر ڪيئن رونما ٿيندو. هن حوالي سان درپيش مسئلن ۾ سڀ کان بنيادي مسئلو عوام ۽ حڪمرانن جي سوچ ۽ ترجيحن ۾ موجود فرق آهي. عوام جن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، حڪمران انهن کي مسئلو سمجهڻ بدران عارضي رڪاوٽ قرار ڏئي عوام کي اهو يقين ڏيارڻ چاهين ٿا ته ڏکيو وقت گذري ويندو ۽ پاڪستاني عوام جلد ئي روشن مستقبل ڏانهن وڌندو. عوامي ضرورتن ۽ خواهشن کان حڪمرانن جي لاتعلقي جو بنيادي سبب اهو آهي ته حڪومت ڪندڙ سمورن سياسي اڳواڻن آڏو ڪو قومي ايجنڊا موجود ناهي، بلڪه اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ان تي قابض رهڻ جي خواهش ئي انهن لاءِ اهم آهي.
ٻئي طرف سياسي ۽ جمهوري نظام کي طاقت فراهم ڪندڙ عسڪري اسٽيبلشمينٽ موجود آهي. عوام جي ڀلائي سندس ايجنڊا ۾ شامل نظر نٿي اچي، بلڪه سرحدن جي حفاظت جي بنيادي فرض سان گڏ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ’نظرياتي سرحدن‘ جي حفاظت جي ذميواري به پاڻ قبول ڪري ورتي آهي. ان ڪري عسڪري قيادت کان عوامي ڀلائي جي ڪنهن منصوبي جي شروعات ۽ ان جي تڪميل جي اميد نٿي رکي سگهجي. هر ملڪ ڪجهه قدرن تي يقين رکندو آهي ۽ انهن جي روشني ۾ سياسي بحث مباحثي ذريعي اهڙن قدمن تي اتفاق ڪيو ويندو آهي، جن سان عوام کي سهولت ملي، کين ملڪ جي حڪومتي انتظام تي اعتماد هجي ۽ هو ڪنهن ملڪ يا رياست سان پنهنجي سڃاڻپ تي فخر محسوس ڪن. پاڪستان ۾ اهو احساس ختم ٿيندو پيو وڃي. ان جو بنيادي سبب اهو ئي آهي ته جن سياستدانن کي عوامي مسئلن ۽ خواهشن بابت بحث، غور ويچار ۽ مڪالمو شروع ڪرڻو هو، انهن کي رڳو اقتدار ۽ پنهنجن مفادن سان دلچسپي رهي آهي. قومي سياسي قيادت جو فقدان پاڪستان جو اهڙو الميو آهي، جنهن هن ملڪ ۾ مايوسيءَ جا ڪڪر وڌيڪ گهرا ڪري ڇڏيا آهن.
سالن کان ڪجهه خاندان، بلڪه ڪجهه ماڻهو، سياستدانن جي حيثيت سان هن ملڪ تي مسلط آهن. انهن کي پنهنجي بچاءَ جو رڳو هڪ ئي رستو نظر اچي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار کي نجات جو رستو سمجهيو وڃي. حڪمرانيءَ جي انهيءَ طريقي کي هاڻي ’هائبرڊ نظام‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. پر هن نظام ۾ عوام جي شموليت جا ذريعا محدود هجڻ سبب اهو طريقو ڪامياب نه ٿي رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ کي ان مان ڪو مسئلو ناهي. سياسي انتظام ۾ شامل ماڻهو جيڪڏهن عوام آڏو بي توقير ٿي وڃن ٿا ته ان وٽ نوان چهرا ڳولڻ جو اختيار موجود رهي ٿو. ان ڪري گذريل ڪجهه عرصي کان مسلسل بحث ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن ته شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، معاملا حل نٿا ٿين ۽ ماڻهو خوش ناهن. جڏهن شهباز شريف اثاثي بدران بار بڻجڻ لڳندا ته کين ڪنهن قابل قبول چهري سان تبديل ڪيو ويندو. ملڪي سياستدانن کي ان بابت ڪا خاص پريشاني ناهي، ڇاڪاڻ ته اهي اڳ ئي پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهن.
البته اسٽيبلشمينٽ لاءِ اها حقيقت ضرور ڳڻتيءَ جو سبب هجڻ گهرجي ته عوام جو عدم اعتماد ڪنهن هڪ فرد يا پارٽي خلاف ناهي، پر موجوده طرز حڪمراني بابت بي چيني وڌي رهي آهي. جيڪڏهن پاڻ اسٽيبلشمينٽ به تسليم ڪري رهي آهي ته موجوده نظام عوام تائين نتيجا پهچائڻ ۾ ناڪام آهي ته پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن نظام کان پنهنجي تحفظ ۽ ڀلائي جون اميدون رکندڙ عوام جي سوچ ڪهڙي هوندي؟
ملڪي صورتحال هاڻي ان حد تائين پهچي چڪي آهي جو اسٽيبلشمينٽ کي يا ته ملڪ جي ’نظرياتي سرحدن‘ جي حفاظت واري ذميواري کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ طرف اڳتي وڌڻو پوندو، ٻي صورت ۾ زيرِ زمين پچندڙ لاوا رڳو ڪجهه علائقن جي بي چيني تائين محدود نه رهندو، پر ان جا اثر وڌيڪ گهرا ۽ تڪليف ڏيندڙ ٿي سگهن ٿا. اهو چوڻ مناسب نه هوندو ته عوامي بي چيني ڪنهن نئين انقلاب جي صورت اختيار ڪري سريلنڪا يا بنگلاديش جهڙيون حالتون پيدا ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا حالتون ۽ مزاج مختلف آهن. هتي شايد اڃا نه ته اهڙي سياسي تحريڪ لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي قيادت موجود آهي، جيڪا هن بي چيني کي سياسي احتجاج جي صورت ۾ منظم ڪري ملڪ جي انتظام ۾ پري رس تبديليون آڻي سگهي.