نيشنل چيمپئنز ڪپ: محمد سليمان ڀنڀرو جي سينچري، پاڪستان گرينز جو بليوز کي 303 رنسن جو هدف

ملتان (ويب ڊيسڪ) نيشنل چيمپئنز ڪپ ۾ عمرڪوٽ واسي محمد سليمان جي سينچري جي مدد سان پاڪستان گرينز پاڪستان بليوز کي 303 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
ملتان ۾ جاري نيشنل چيمپئنز ون ڊي ڪپ جي ميچ ۾ پاڪستان گرينز پهريان بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان گرينز جي عمرڪوٽ واسي محمد سليمان شاندار بيٽنگ ڪندي 101 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته سعد بيگ 77 ۽ فرحان يوسف 51 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان بليوز جي حسن علي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته گرينز بليوز کي ڪاميابي لاءِ 303 رنسن جو هدف ڏنو.

You might also like