اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سياستدان پنهنجون ذميواريون نڀائيندي نون صوبن جي ”اونرشپ“ وٺن، پنهنجي ”وڏيرپ“ بچائڻ بدران عوام جي مسئلن بابت سوچڻو پوندو.
پنهنجي بيان ۾ عبدالعليم خان چيو ته عوام سڄي ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون صوبن جي قيام چاهي ٿو، جڏهن ته خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ 2010ع کان هزارا صوبي لاءِ آواز اٿاريا پيا وڃن.
هن چيو ته خوشي آهي ته خيبرپختونخوا جون اهم سياسي پارٽيون هزارا صوبو ٺاهڻ جون خواهشمند آهن، استحڪام پاڪستان پارٽي پڻ هزارا صوبي جي مطالبي جي حمايت ڪري ٿي.
وفاقي وزير چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ پڻ نون صوبن لاءِ آواز اٿاريا پيا وڃن، جڏهن ته هو ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور صوبي جي قيام جو حامي آهي.
عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته اهو قومي مسئلو آهي، نون صوبن کي مصلحت يا سياست جي ور چڙهڻ نه گهرجي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته چئني صوبن کي چار چار انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ ۾ ڪو حرج ناهي.
هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته موجوده حالتون سڄي ملڪ ۾ نئين ”ورڪنگ آرڊر“ جون گهرجائو آهن.
هن وڌيڪ چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي هر فورم تي نون صوبن جي قيام لاءِ آواز اٿاريندي رهندي، سياستدان پنهنجون ذميواريون نڀائيندي نون صوبن جي ”اونرشپ“ وٺن ۽ پنهنجي ”وڏيرپ“ بچائڻ بدران عوام جي مسئلن بابت سوچين.
You might also like