ڪينٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي انجري بابت اهم اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، بابر اعظم ڪينٽ ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب ۾ جاري ٽن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ جي ٻئي ڏينهن بيٽنگ دوران ساڄي هٿ تي بال لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.
ٽيم ڊاڪٽر طرفان معائني ۽ احتياطي قدمن کانپوءِ بابر اعظم کي پريڪٽس ميچ جي باقي حصي مان آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
بابر اعظم سومر 17 آگسٽ تي هيڊنگلي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان ٽيم جي پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪندو.