تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف جي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا بابت ڪميٽي جي سربراهه دعويٰ ڪئي آهي ته ٽي ايراني پائلٽ قطر ۾ قيد آهن، جڏهن ته هنن ريڊ ڪراس جي عالمي ڪميٽي کان سندن صورتحال واضح ڪرڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب، برگيڊيئر جنرل محمد باقر زادا ريڊ ڪراس جي عالمي ڪميٽي جي صدر ماريانا سپوليئرڪ ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته ٻه ايس يو-24 جنگي جهاز 2 مارچ 2026ع تي قطر ۾ موجود هڪ ”دشمن فوجي اڏي“ کي نشانو بڻائڻ لاءِ مشن تي روانا ٿيا هئا.
سندس چوڻ هو ته مشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپسي دوران جهازن کي دشمن جي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار ايراني پائلٽ متاثر ٿيا.
خط جي متن موجب، چئن پائلٽن مان هڪ، ماجد ڪاظمي، جو مڙهه بعد ۾ ايران منتقل ڪيو ويو ۽ کيس 29 آگسٽ تي شيراز ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
برگيڊيئر جنرل باقر زادا دعويٰ ڪئي ته باقي ٽن پائلٽن، جواد صالحي، عبدالمجيد دشتيان ۽ عمران بهروشيان کي قطري فوج زنده گرفتار ڪيو هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ به ايراني اختيارين ۽ سرڪاري ميڊيا ڄاڻايل ٽنهي پائلٽن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ڪوششن جو ذڪر ڪندا رهيا آهن، پرانهن بابت ڪا حتمي ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي.
پنهنجي خط ۾ برگيڊيئر جنرل باقر زادا الزام لڳايو ته ڇهه مهينا گذرڻ باوجود قطر سندن قيدين جي بنيادي حقن جو احترام ناهي ڪيو. سندس چوڻ هو ته اهو رويو جنگي قيدين بابت جنيوا ڪنوينشنز ۽ ٻين عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي جي برابر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪيترين ئي سفارتي ڪوششن باوجود نه ته قيدين جي گهرڀاتين کي ساڻن ملاقات جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ نه ئي سندن حالت بابت ڪا باضابطا ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي ايراني فوج ان کان اڳ دعويٰ ڪري چڪي آهي ته شيراز جي شهيد دوران ايئر بيس تان اڏام ڀريندڙ پائلٽن قطر ۾ موجود هڪ آمريڪي فوجي اڏي کي ”وڏو نقصان“ پهچايو هو ۽ مشن تان واپسي دوران سندن جهازن کي نشانو بڻايو ويو.
Next Post
You might also like