انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جو زلزلو، فوتين جو انگ 20 ٿي ويو

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي سمنڊ ڪناري ڀرسان 7.7 شدت سان آيل زلزلي کانپوءِ مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 20 ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، انڊونيشيا جي سامونڊي ڪناري ويجهو ڇنڇر جي صبح شديد زلزلو آيو، جنهن کانپوءِ ڪيترائي آفٽر شاڪس پڻ محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپ مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 7.7 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلو مقامي وقت موجب صبح 4 لڳي 58 منٽن تي آيو. زلزلي جو مرڪز زمين اندر تقريبن 35 ڪلوميٽر جي اونهائي ۾ هو.
زلزلي کانپوءِ انڊونيشيا جي جيو فزڪس ايجنسي طرفان شروعاتي طور سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي، جيڪا زلزلي کان ٽن ڪلاڪ بعدِ واپس ورتي وئي.
انڊونيشي اختيارين موجب، 7.7 شدت جي زلزلي کانپوءِ مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 20 ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي آسٽريليا جي سونامي وارننگ سينٽر چيو آهي ته سمنڊ اندر آيل ان زلزلي سبب آسٽريليا جي سرزمين، ٻيٽن يا علائقن کي سونامي جو ڪو خطرو ناهي.

 

You might also like