ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح اسپتال جي گائنيڪولوجي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر نگهت شاهه چيو آهي ته سندس مقصد ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر جي مقرري يا ترقي ۾ رنڊڪ بڻجڻ ناهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نگهت شاهه چيو ته گائناڪالوجي شعبي ۾ سندس ڪانٽريڪٽ بنيادن تي واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان واڌ سان ڪنهن ايسوسيئيٽ پروفيسر جي مقرري متاثر نه ٿي رهي آهي.
هن چيو ته گائناڪالوجي جا مختلف يونٽ 2013ع کان بند هئا، جڏهن ته جناح اسپتال ۾ 2022ع دوران بند يونٽ کي بحال ڪيو ويو.
ڊاڪٽر نگهت شاهه جو چوڻ هو ته مريضن جي علاج سان گڏ پوسٽ گريجوئيٽ ٽريننگ ۽ تحقيق جو سلسلو پڻ جاري آهي، اسان کي وڌيڪ ماهر ڊاڪٽرن جي ضرورت آهي، اهل ڊاڪٽر جي مقرري تي ڪو اعتراض ناهي، سندس مقصد ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر جي مقرري يا ترقي ۾ رنڊڪ بڻجڻ ناهي.
”منهنجي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ سان ڪنهن جي مقرري متاثر نه ٿي رهي آهي“ ڊاڪٽر نگهت شاهه خاموشي ٽوڙي ڇڏي
Prev Post