ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب،اڄ في تولو سون 500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 59 هزار 936 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جو اگهه 429 رپيا لاٿ بعد 3 لک 94 هزار 320 رپيا ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 5 ڊالر گهٽتائي سان 4375 ڊالر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like