جلد آبناءِ هرمز کي آمريڪا جو علائقو قرار ڏيندس: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو جلد آبناءِ هرمز کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران تي سخت معاشي دٻاءُ وجهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ته جيئن تهران کي جنگ ختم ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي.
آمريڪي صدر چيو ته هو جلد آبناءِ هرمز کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندو.
اهم سامونڊي لنگهه بابت ٽرمپ جو اهو بيان ڇڪتاڻ ۾ وڌائڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته آبناءِ هرمز مان عالمي تيل جي فراهمي جو وڏو حصو گذري ٿو.
ان کان اڳ واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ 6 مهينن کان جاري جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ ڏکيائين دوران آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو هو ته آمريڪا ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ ايران خلاف اهڙيون سخت پابنديون ۽ قدم لاڳو ڪندو، جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺا ويا آهن.

You might also like