ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا منيشا ڪوئرالا ڪينسر کي انتهائي ڀوائتو احساس قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، منيشا ڪوئرالا کي 2012ع ۾ اوويرين ڪينسر جي چوٿين اسٽيج جي نشاندهي ٿي هئي، جنهن جو علاج اداڪارا آمريڪا مان ڪرايو هو.
ان دوران سندس سرجري ۽ ڪيموٿراپي پڻ ٿي، جڏهن ته سندس آخري ڪيموٿراپي سيشن اپريل 2013ع ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس ڪينسر کان آجو قرار ڏنو هو.
ويجهڙ ۾ اداڪارا هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن ماضيءَ جا ڪيئي قصا ساريندي ڪينسر بابت به ڳالهايو.
هن چيو ته مان اسپتال ۾ هيس ۽ جڏهن مون کي خبر پئي ته مون کي ڪينسر ٿي ويو آهي ته اها رات منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اڪيلائي واري ۽ ڊگهي رات هئي، مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته مان مرڻ واري آهيان.
منيشا جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا مون اڪيلائي محسوس ڪئي، ڪينسر دوران مون کي احساس ٿيو ته هڪ مريض ڪيترو اڪيلو محسوس ڪندو آهي، اهو انتهائي موتمار ۽ ڀوائتو وقت هو، جنهن کي ڪو به محسوس نٿو ڪري سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته مون تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ ان دوران پنهنجي صحت جو خيال نه رکيو، جيڪڏهن مون کي زندگي ۾ ٻيهر موقعو ملي ته مان پنهنجي صحت کي ترجيح ڏينديس.
” محسوس ٿي رهيو هو ته مان مرڻ واري آهيان“منيشا ڪوئرالا ڪينسر کي ڀوائتو احساس قرار ڏئي ڇڏيو
Next Post