فيلڊ مارشل پاران آزادي ڏهاڙي تي فوجين جي مان ۾ آجياڻو، اڳوڻن سربراهن جي شرڪت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران آزادي ڏهاڙي تي پاڪ فوج جي اڳوڻن فوجين جي مانَ ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير طرفان ڏنل آجياڻي ۾ اڳوڻن فوجي سربراهن سميت وڏي انگ ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ملڪ جي بچاءَ لاءِ اڳوڻن فوجين جي خدمتن ۽ ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته قومي استقامت مضبوط بڻائڻ ۾ اڳوڻن فوجين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پيچيده سيڪيورٽي ماحول کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳوڻن فوجين جو تجربو ۽ رهنمائي قيمتي اداراتي اثاثو آهي.
اڳوڻن فوجين پاڪ فوج جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي ڪر کڻندڙ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ فوج سان پنهنجي مسلسل حمايت جو عزم ورجايو.
اڳوڻن فوجين قومي اتحاد، امن ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.

You might also like