سنڌ ۾ هلندڙ مهيني مِينهن وسندو يا نه؟ موسميات کاتي اپڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ هلندڙ مهيني دوران برساتن جو امڪان ناهي، جڏهن ته اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سامونڊي پٽي وارن علائقن ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي ڪجهه هنڌن تي ڦڙڦڙ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران آسمان ڪڪرن سان ڍڪيل ۽ موسم گهميل رهڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب، ڪراچي ۾ صبح ۽ رات جي وقت ڪجهه هنڌن تي هلڪي ڦڙڦڙ جو امڪان آهي.

You might also like