ٿر گهمڻ ويلن سان حادثو، 4 ملڪاڻي شريف واسي اجل جو شڪار

ميرپورخاص/مٺي/بدين(رپورٽ: غفار رند+غازي بجير+رازق ڏنو کوسو) ٿر گهمڻ لاءِ ويلن سان جهڏو ويجهو حادثو، بدين واسي 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويو. جهڏو لڳ نئون ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ سانياسر ڀرسان ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو،حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو،حادثي ۾ بدين ضلعي جي علائقي ملڪاڻي شريف سان تعلق رکندڙ ٽن ڄڻن سميت مجموعي طورچئن ڄڻن موقعي تي ئي دم ڏنو.حادثي کانپوءِ پنج ئي ڄڻا روڊ تي ڪري پيا، جن مان مهراڻ لغاري، شعبان لغاري، شگو ڪولهي ۽ سميت 4 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ سمورا ڄڻا ملڪاڻي شريف جا رهواسي هئا، جيڪي مٺي گهمڻ لاءِ ويا هئا ۽ واپسي دوران ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب حادثي جو شڪار ٿيا. حادثي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ ڄڻو اڃا تائين زخمي ٻڌايو پيو وڃي.

You might also like