ھٿ سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وڏيرن حوالي ڪئي وئي آھي:اڳواڻ

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي احتجاجي ڪيمپ 14 آگسٽ آزادي واري ڏينھن به نعرن، گيتن ، سان جاري رھي، ڪئمپ تي خطاب ڪندي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ وجاھت ھڱورجو عوامي تحريڪ جي ڪيمپ تي آيل مرڪزي صدر وسند ٿري جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ عوامي تحريڪ جھڙي ميرٽ چاھيون ٿا جتي دراوڙ ، ڪولھي ڀيل مينگهواڙ ۽ وطن جا وارث تحريڪ جي قيادت ڪن ٿا، عوامي تحريڪ وفد 22هين ڏينھن تي سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر  زبيع الله مستوئي،  فخرالزمان کونھارو ، سڪيلڌو چانڊيو، وجاھت ھڱورو، حنيف جوکيو ، حسين بخش چانڊيو ، اياز گل رستماڻي ۽ ٻين کي وفدن گلن جا ھار پارائي حمايت ڪئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد آفيس اڳيان شاگردن جي لڳل احتجاج ڪئمپ تي عوامي تحريڪ جو وفد مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي قيادت ۾ پهتو، وفد ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، سينئر اڳواڻ ڏاڏا عبدالقادر رانٽو ، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جو صدر سرمد راڄپر، سنڌ شاگرد تحريڪ جو مرڪزي سيڪريٽري اياز لغاري، سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري شعيب ڀٽو، سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ حاجي خان سمون ۽ ٻيا شامل هئا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ڪئمپ تي شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي حڪمرانن نوڪرين سميت سنڌ جون زمينون، سنڌو درياهه ، وسيلا وڪرو ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت لاءِ سنڌ جي هر شئي بازار جو وکر آهي. هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن جون نوڪريون وڪڻڻ سنڌ جي مستقبل کي وڪڻڻ جي برابر آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مستقبل جي تباهي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، سنڌ جا حڪمران سنڌي ماڻهن جو نوڪريون، زمينون، درياءُ ۽ وسيلا وڪڻڻ بند ڪري.

You might also like