ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر سنڌ محمد نهال هاشمي، صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ۽ سينيئر سرڪاري عهديدارن سان گڏ جمعي ڏينهن پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي موقعي تي مزار قائد جو دورو ڪيو جتي هن قائد اعظم محمد علي جناح کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم کي اتحاد، حب الوطني ۽ قومي ترقيءَ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائڻ جو سڏ ڏنو. يومِ آزاديءَ جي تقريب جو آغاز باباءِ قوم جي مزار تي باضابطه پرچم ڪشائيءَ سان ٿيو. گورنر ۽ وڏي وزير گڏجي قومي جهنڊو ڦڙڪايو جڏهن ته پاڪستان نيوي جي چاق چوبند دستي سلامي ڏني ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن ۽ سينيئر سول عهديدارن شرڪت ڪئي. مزار قائد تي پهچڻ تي گورنر سنڌ محمد نهال هاشمي ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ڪابينا جي ميمبرن ۽ سينيئر آفيسرن پاران گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو.. گورنر ۽ وڏي وزير قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون، فاتحه خواني ڪئي ۽ سندس درجات جي بلنديءَ لاءِ دعا گهري. پاڪستان ۽ ان جي عوام جي سلامتي، استحڪام، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون. انکانپوءِ ۾ ٻنهي اڳواڻن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد وطن حاصل ڪرڻ ۾ قائد اعظم جي بصيرت واري قيادت ۽ تاريخي خدمتن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قوم قائد اعظم جي مزار تي پاڪستان سان وفاداريءَ جي عهد جي تجديد ڪرڻ ۽ ملڪ جي سالميت، اتحاد ۽ ترقيءَ لاءِ دعا گهرڻ لاءِ گڏ ٿي آهي. وڏي وزير چيو ته آزاديءَ جي جدوجهد آزاديءَ کان گهڻو اڳ شروع ٿي هئي ۽ ننڍي کنڊ جي عوام جي قربانين ۽ سياسي ڪوششن سان ان ۾ تيزي آئي. تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي تاريخي ڪردار کي ياد ڪندي وڏي وزير ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي پهرين قانون ساز اسيمبلي هئي جنهن 3 مارچ 1943ع تي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي هئي. هن چيو پاڪستان جو بنياد رکڻ ۾ سنڌ جي عوام اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. اسان کي فخر آهي ته سنڌ جي چونڊيل نمائندن پاڪستان جي قيام جي حمايت ۾ هڪ تاريخي قدم کنيو. مراد علي شاهه چيو ته يومِ آزادي قوم جي بانيڪارن ۽ انھن بيشمار آزاديءَ جي مجاهدن جي قربانين کي ياد ڪرڻ جو موقعو آهي جن هڪ آزاد وطن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن شهرين تي زور ڀريو ته اهي قائد اعظم جي هدايت ڪندڙ اصولن – اتحاد، ايمان ۽ تنظيم – تي عمل ڪن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪن. هن چيو اسان کي متحد رهڻ گهرجي ۽ نه رڳو پاڪستان جي سرحدن پر انهن نظرين ۽ بنيادن جي دفاع لاءِ پڻ پرعزم رهڻ گهرجي جن تي هي ملڪ قائم ٿيو هو. وڏي وزير اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان جي مضبوطي ۽ حڪمرانيءَ ۾ سندن خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته بينظير ڀٽو ملڪ جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن کي مضبوط ڪيو ۽ ان تي ثابت قدم رهي. يومِ آزاديءَ جون مبارڪبادون ڏيندي، مراد علي شاهه صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ پوري قوم کي 14 آگسٽ جي موقعي تي مبارڪباد ڏني.وڏي وزير پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به تعريف ڪئي ته هن مشڪل وقت ۾ بين الاقوامي فورمز تي پاڪستان جي مفادن جي مؤثر نموني نمائندگي ڪئي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي دورن سميت عالمي برادريءَ آڏو پاڪستان جو موقف پيش ڪيو ۽ اهم علائقائي معاملن تي ملڪ جي نقطه نظر کي مؤثر انداز ۾ اجاگر ڪيو.مشڪل دورن ۾ قومي اتحاد جو حوالو ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته جڏهن به پاڪستان کي چيلينجز جو سامنهن ٿيو ته پوري قوم گڏجي بيٺي. هن چيو اسان جي هٿياربند فوجن، سياسي قيادت، ڪارڪنن، هارين، نوجوانن ۽ معاشري جي سمورن طبقن ملڪ جي دفاع ۾ بار بار اتحاد ۽ لچڪ جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستان جي مستقبل تي اعتماد جو اظهار ڪندي هن چيو ته گذريل نسلن جي قربانين ۽ ڪوششن ملڪ لاءِ هڪ مضبوط بنياد رکيو آهي ۽ نئين نسل ان جي ترقي ۽ تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.