پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلر مارجن ۾ هڪ رپيو 34 پئسا واڌ ڪئي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ هڪ رپيو 34 پيسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جو مارجن وڌائي 9 رپيا 98 پيسا في ليٽر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ڊيلرز جو مارجن 8 رپيا 64 پيسا في ليٽر هو.

آل پاڪستان پيٽرول پمپس اونرز ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين نعمان بٽ چيو آهي ته ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پيٽروليم واري وزير جا ٿورائتا آهيون.

آل پاڪستان پيٽرول پمپس اونرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته حڪومت سندن ڊگهي عرصي کان هلندڙ مطالبي کي پورو ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل تي مارجن ۾ هڪ رپيو 34 پيسا واڌ ڪري ان کي 9 رپيا 98 پيسا في ليٽر ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته حڪومت گذريل مالي سال دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ پنهنجي مقرر ڪيل هدف ۽ آءِ ايم ايف جي اندازي کان به وڌيڪ وصوليون ڪيون.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گذريل مالي سال دوران پيٽروليم ليوي جي وصولي ۾ 1560 ارب رپين کان وڌيڪ رقم گڏ ڪئي وئي، جڏهن ته موسمياتي سهائتا ليوي جي مد ۾ 50 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪيا ويا.

گذريل مالي سال دوران پيٽروليم ليوي جي وصولي حڪومت جي هدف کان لڳ ڀڳ 100 ارب رپيا، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي اندازي کان 21 ارب رپيا وڌيڪ رهي.

هن وقت پيٽرول تي 80 رپيا في ليٽر ليوي وصول ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 77 رپيا 28 پيسا في ليٽر ليوي لاڳو آهي. ان کان علاوه پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي 5، 5 رپيا في ليٽر موسمياتي سهائتا ليوي پڻ الڳ وصول ڪئي پئي وڃي.

You might also like