نادرا ڪيو آر ڪوڊ وارو نئون شناختي ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پاڪستان ۾ تيار ڪيل ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئون قومي سڃاڻپ ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

نادرا جي پڌرائي موجب نئون قومي سڃاڻپ ڪارڊ پولي ڪاربونيٽ مٽيريل مان پاڪستان ۾ تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نئين ڪارڊ ۾ درآمد ٿيل مائيڪرو چِپ بدران محفوظ ڪيو آر ڪوڊ شامل ڪيو ويو آهي.

پڌرائي موجب ڪيو آر ڪوڊ ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق عام اسمارٽ فون سان به ممڪن هوندي، جڏهن ته پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي نئين سڃاڻپ ڪارڊ جو ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪري تصديق ڪري سگهبي.

نادرا موجب نئين سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪيو آر ڪوڊ ۾ ڪارڊ رکندڙ جي لاڳاپيل سڃاڻپ واري معلومات ۽ تصوير موجود هوندي. ڪيو آر ڪوڊ ذريعي نالو، ايڊريس ۽ ٻئي ڄاڻ جي ڊيٽا داخل ڪرڻ دوران ٿيندڙ غلطين ۾ پڻ گهٽتائي ايندي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيليڪام ڪمپنين، بئنڪن، اسپتالن، ريلوي، پوليس ۽ ٻين بااختيار ادارن کي ڪيو آر ڪوڊ ذريعي تصديق لاءِ سافٽ ويئر فراهم ڪيو ويندو.

نادرا موجب نئين سڃاڻپ ڪارڊ تي خانداني نمبر، معذور ماڻهن، بزرگ شهرين ۽ عضوا عطيو ڪندڙن لاءِ مخصوص نشان پڻ موجود هوندا.

نئين ڪارڊ تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي شهرين لاءِ به مخصوص نشان شامل هوندا. ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئون ڪارڊ اڄ 14 آگسٽ کان هاڻوڪي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي جاءِ تي مرحليوار جاري ڪيو پيو وڃي.

نادرا موجب نئين سڃاڻپ ڪارڊ تي نالو ۽ پتو اردو ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ درج هوندو. جنوري 2027ع کان ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئون ڪارڊ نائڪاپ، جووينائل ڪارڊ سميت قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي سمورن قسمن لاءِ جاري ڪيو ويندو.

پڌرائي موجب آخري مرحلي ۾ پاڪستان اوريجن ڪارڊ (POC) کي به چِپ کانسواءِ ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل نئين ڪارڊ ۾ تبديل ڪيو ويندو.

نادرا واضح ڪيو آهي ته اڳ ۾ جاري ڪيل سمورا سڃاڻپ ڪارڊ پنهنجي مقرر ڪيل مُدي تائين بدستور ڪارآمد رهندا.

You might also like