آزادي رڳو زمين حاصل ڪرڻ جو نه پر حقن جو واعدو به هو: بلاول

پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي آزاد ٿئي 79 سال ٿي ويا آهن، 21 سالن کانپوءِ اسان آزادي جي صدي مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري يومِ آزادي جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته آزادي رڳو سرزمين حاصل ڪرڻ جو نالو نه هو، پر اها حقن جو واعدو هو. اهو واعدو پاڪستان جي عوام سان گڏ انهن علائقن ۽ رياستن سان به هو، جن پاڪستان سان شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

بلاول ڀٽو چيو ته اسان اهو واعدو پنهنجي آئين ۾ لکيو ۽ ان کي بار بار ورجائيندا به آهيون، هاڻي اسان جي نسل جي ذميواري آهي ته 2047ع تائين ان آئيني واعدي کي هر گهر تائين پهچايون.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين قوم کي جشنِ آزادي جون واڌايون ڏيندي چيو: پاڪستان کپي، پاڪستان پائنده باد.

You might also like