سعودي عرب آبناءِ هرمز ۾ گڏيل عرب امارات جي قومي تيل ڪمپني ايڊنوڪ سان لاڳاپيل ٻن تيل بردار جهازن کي نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب اهڙن حملن جو بار بار ٿيڻ سامونڊي اچ وڃ ۽ عالمي توانائي جي فراهمي جي سلامتي لاءِ سڌو خطرو آهي ۽ اهي عالمي قانونن ۽ اصولن جي به ڀڃڪڙي آهن.
سعودي عرب ايران کي انهن حملن جي نتيجن جو مڪمل ذميوار قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته تهران فوري طور اهڙا قدم روڪي ۽ لاڳاپيل عالمي قانونن جي پاسداري ڪري.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خطي جي سلامتي ۽ عالمي سامونڊي رستن جو تحفظ گڏيل ذميواري آهي، جڏهن ته اهڙن حملن جو سلسلو ناقابلِ قبول ۽ ناقابلِ برداشت آهي.
قطر جي پرڏيهي وزارت پڻ حملي کي عالمي قانون، سامونڊي جهاز راني جي آزادي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2817 جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.
قطري وزارت چيو ته قطر آبناءِ هرمز کي دٻاءُ يا سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کي سختي سان رد ڪري ٿو ۽ مطالبو ڪري ٿو ته هن اهم سامونڊي گذرگاهه کي بنا ڪنهن شرط جي ٻيهر کوليو وڃي.