اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ جي سمري اڄ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.
ذريعن موجب وفاقي ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام 6 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ پيٽروليم شين تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ جو معاملو واحد ايجنڊا طور شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ 1 رپيو 34 پيسا في ليٽر واڌ جي منظوري تي غور ڪيو ويندو.
واضح رهي ته هن وقت ڊيلرز کي پيٽروليم شين تي 8 رپيا 64 پيسا في ليٽر مارجن ملي رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت ڳالهين دوران ڊيلرز کي مارجن ۾ واڌ جي خاطري ڪرائي هئي.