آمريڪي بيان زميني حقيقتن جي ابتڙ، آبناءِ هرمز اڃا به بند آهي: ايراني ڪمانڊر

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بحري فوج جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل علي اوزماڻي دعويٰ ڪئي آهي ته آبناءِ هرمز اڃا به بند آهي ۽ ان حوالي سان آمريڪي عملدارن جا بيان زميني حقيقتن جي عڪاسي نٿا ڪن.

ايراني ڪمانڊر چيو ته صورتحال جو درست اندازو آمريڪي عملدارن جي اعلانن ۽ بيانن بدران زميني ۽ عملي حقيقتن کي ڏسي لڳائڻ گهرجي.

ريئر ايڊمرل علي اوزماڻي موجب آبناءِ هرمز ۾ سامونڊي آمدرفت تي ايراني پاسدارانِ انقلاب جي بحري فوج کي مڪمل ۽ فيصلائتو ڪنٽرول حاصل آهي، جڏهن ته آبناءِ مان گذرندڙ هر قسم جي چرپر تي سخت نظر رکي پئي وڃي.

هن هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو ته آبناءِ هرمز جي حقيقي صورتحال جو فيصلو بيانن سان نه، پر سامونڊي حدن اندر جاري عملي صورتحال مان ٿيڻ گهرجي.

You might also like