ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت بدنام زمانه منشيات فروشن جي الزام هيٺ گرفتار انمول عرف پنڪي جون هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 ڪيسن ۾ بريت جون درخواستون منظور ڪندي کيس ٽنهي ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ڏکڻ ۾ گذري ٿاڻي تي داخل منشيات جي ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران پنڪي طرفان وڪيل انعم ڪوثر عدالت ۾ پيش ٿي، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته انهن ڪيسن ۾ شريڪ جوابدار اڳ ئي بري ٿي چڪا آهن، جوابدار علي ۽ فهميده کي 2024ع ۾ عدالت بري ڪيو هو، وڪيل موجب انمول پنڪي کي شريڪ جوابدارن جي بيانن جي بنياد تي ڪيسن ۾ شامل ڪيو ويو هو پر جڏهن شريڪ جوابدار ئي بري ٿي چڪا آهن ته پنڪي خلاف سزا جو امڪان باقي نه رهيو آهي، عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ انمول عرف پنڪي جون وڌيڪ ٻن ڪيسن ۾ به بريت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون ۽ سندس آزادي جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن پنڪي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد يا گهربل نه هجي ته کيس آزاد ڪيو وڃي، ياد رهي ته انمول عرف پنڪي کي 12 مئي 2026ع تي ڪراچي جي گارڊن واري علائقي مان پوليس ۽ هڪ وفاقي حساس اداري جي گڏيل ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو هو.