سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پگهارن ۾ بي انتها واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر مملڪت آصف زرداري طرفان سمري جي منظوري کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن جون پگهارون ۽ مراعتون وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي برابر ٿي ويون آهن.اعليٰ عدالتن جي ججن جي پگهارن ۽ الائونسن ۾ واڌ جو عمل 10 ڊسمبر 2025ع کان ٿيندو، جڏهن ته ججن کي اضافي جا رهيل بقايائون پڻ ڏنيون وينديون.چيف جسٽس پاڪستان جي ماهوار بنيادي پگهار 15 لک 50 هزار رپيا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي ٻين ججن جي ماهوار بنيادي پگهار 15 لک رپيا هوندي. سپريم ڪورٽ جي ججن جي بنيادي پگهار 11 لک رپين مان وڌائي 15 لک رپيا ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ جي ججن جو جوڊيشل الائونس 11 لک 61 هزار 163 رپين مان وڌائي 15 لک رپيا ڪيو ويو آهي، يعني جوڊيشل الائونس ۾ تقريباً 3 لک 39 هزار رپيا ماهوار اضافو ٿيو آهي.سپريم ڪورٽ جي ججن جي پينشن بابت شق ۾ 70 سالن جي عمر جي حد وڌائي 75 سال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل شق ۾ 85 سالن جي حد به وڌائي 90 سال ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ جي ججن لاءِ ماهوار 1 لک 50 هزار رپيا ميڊيڪل الائونس پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بنيادي پگهارن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. هاءِ ڪورٽ جي ججن جي نئين پگهارن جو اطلاق 1 جولاءِ 2026ع کان ٿيندو.هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ماهوار بنيادي پگهار 12 لک 54 هزار رپيا، جڏهن ته ٻين ججن جي ماهوار بنيادي پگهار 12 لک 5 هزار رپيا هوندي.هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پگهار 10 لک 95 هزار رپين مان وڌائي 12 لک 5 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين چيف جسٽس رهندڙ ججن لاءِ نئين سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي. رٽائرمينٽ يا اعليٰ عدالت ۾ ترقي جي صورت ۾ کين رعايتي قيمت تي سرڪاري گاڏي خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.ان کان علاوه رٽائرڊ ججن کي وفاقي حڪومت جي ثالثي معاملن ۾ فيس وٺڻ جي اجازت پڻ ملي سگهندي. سپريم ڪورٽ جي ججن جي پينشن پيڪيج ۾ پڻ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن. پينشن بابت شق ۾ 70 سالن جي عمر جي حد وڌائي 75 سال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل شق ۾ 85 سالن جي حد وڌائي 90 سال ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ جي ججن لاءِ ماهوار هڪ لک 50 هزار رپيا ميڊيڪل الائونس پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بنيادي پگهارن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن تي عمل1 جولاءِ 2026ع کان ٿيندو.هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ماهوار بنيادي پگهار 12 لک 54 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي ٻين ججن جي ماهوار بنيادي پگهار 12 لک 5 هزار رپيا هوندي. هاءِ ڪورٽ جي ججن جي پگهار 10 لک 95 هزار مان وڌائي 12 لک 5 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، يعني بنيادي پگهار ۾ 1 لک 10 هزار رپيا ماهوار اضافو ٿيو آهي.

You might also like