اسلام آباد(طلعت حسين)پاڪستان اندر نون صوبن جي بحث هاڻي نه رڪجي سگهندي، پاڪستان مسلم ليگ ن،پاڪستان پيپلز پارٽي، جي يو آءِ،پي ٽي آءِ ان صورتحال ۾ ڪٿي بيٺل آهن؟محسن نقويءَ جي باري ۾ جيڪا بحث هن وقت ن ليگ اندر هلي رهي آهي، اها بحث اصل نڪتي کان بلڪل هٽيل آهي. اصل نڪتو اهو ناهي ته ڪنهن چيو؟ توهان محسن نقويءَ ۽ واپارين کي تنقيد جو نشانو بڻائي اهو بحث ختم نٿا ڪرائي سگهو، محسن نقويءَ صرف اسٽيبلشمينٽ پاران پيغام پهچايو ڪيو آهي،اسٽيبلشمينٽ جي حلقن ۾ ان جي مٿان مڪمل طور تي وضاحت آهي ته محسن نقويءَ جي جيڪا ڳالهه ٻولهه آهي، اها ڪنهن به طرح مين اسٽريم کان هٽيل ناهي،بلڪه بلڪل مين اسٽريم جي مٿان آهي.پهرين محرڪ اهو آهي ته سياسي ۽ انتظامي اعتبار سان پاڪستان موجوده صورتحال اندر هلي نه ٿو سگهي، اندروني نظام کي زنگ لڳي چڪو آهي، ۽ اهو زنگ هاڻي پاڪستان جي بنيادن کي کائڻ جي طرف مائل آهي،هي اسٽيبلشمينٽ جو نقطئه نظر آهي پاڪستان جي آبادي 25 ڪروڙ آهي اها مسلسل وڌندي پئي وڃي. دنيا جي ٻين وڏن آبادين وارن ملڪن ۾ آباديءَ جو واڌارو گهٽجي رهيو آهي.هڪ طرف وڌندڙ آبادي ۽ وسيلن جي تقسيم جا معاملا آهن، ته ٻئي طرف پاڪستان اندر پاڻي جي کوٽ ايندڙ 10 سالن اندر ان کان ٻيڻي ٿي ويندي ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ناهي، ڪڏهن ان تي بحث نٿو ٿئي، پاليسي نٿي بڻجي. هندستان اسان جي پاڻي سان کيڏي رهيو آهي ۽ چوٿون نڪتو اهو آهي ته هن ملڪ اندر تقريبن 12، 14 سالن کان وٺي 29 سالن تائين جا جيڪي ماڻهو آهن، اهي 15 ڪروڙ جي قريب ماڻهو آهن. انهن 15 ڪروڙ ماڻهن جون جيڪي اميدون آهن، انهن کي توهان ڪهڙي طريقي سان پورو ڪندا؟پاڪستان اندر وسيلن ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي پنجون نڪتو اهو آهي ته پاڪستان کي هلائڻ وارن جو ڌيان پاڪستان کي هلائڻ تي بلڪل ناهي. ان ڪري هاڻي اسٽيبلشمينٽ طرفان چيو پيو وڃي ته پاڪستان کي جيڪڏهن هلائڻو آهي، ته پاڪستان کي ننڍن يونٽن اندر تبديل ڪرڻو پوندو! اسٽيبلشمينٽ پاران "امرڌارا” جو تصور ڏنو ويو آهي ته سڀني مسئلن جي پاڙ پاڪستان ۾ گورننس جو ماڊل آهي، ۽ گورننس جي پاڙ اها آهي ته اسان وٽ جيڪي يونٽ آهن، اهي وڏا آهن، اسان مسئلا حل نٿا ڪري سگهون، سياست اندر نه نئين قيادت اچي سگهي ٿي، نه ئي نئين نسل جي نمائندگي ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته آبادي نيوزيلينڊ جي برابر هر سال وڌي رهي آهي ۽ ملڪ اندر پريشانين جي ڀرمار آهي! اسٽيبلشمينٽ اندر اها به واضح وضاحت نظر اچي ٿي ته مسلم ليگ ن جي طرفان ان جي مٿان جيڪي به اعتراض هئا، اهي شايد حل ٿي وڃن. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان به هاڪاري جواب ٻڌجي رهيا آهن، ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي هن سڄي مسئلي کي ڪيتري وقت تائين ڊيگهه ڏيندي؟ ۽ جيڪڏهن سنڌ اندر کان ڪو احتجاج اٿي ٿو، ته اسٽيبلشمينٽ ان جي ذميواري سڌي سنئين پيپلز پارٽي مٿان ئي مڙهيندي! تنهن ڪري پيپلز پارٽي هن سڄي اشو ۾ ريڊار تي آهي!پاڪستان کي هلائڻ لاءِ،79هين يومِ آزادي جي موقعي تي اسٽيبلشمينٽ جي طرفان نئون پلان تيار ٿي چڪو آهي،ملڪ اندر نوان صوبا ٺهڻا آهن،لوڪل باڊيز انهن يونٽس جي هيٺان هلڻيون آهن، ۽ باقاعده نقشا موجود آهن. انهن نقشن ۾ انتظامي طور تي تبديلي ٿي سگهي ٿي،، سياسي طور تي ٿوري گهڻي تبديلي ٿي سگهي، پر اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پلاننگ جو نقشو ئي تبديل ٿي وڃي!هي هدف واضح آهي