اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ رجسٽرڊ عورتن لاءِ ڊجيٽل والٽ بابت اهم هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
بي آءِ ايس پي جي ترجمان موجب، ڊجيٽل والٽ لاءِ بينظير سم رڳو ۽ رڳو بي آءِ ايس پي جي آفيسن مان حاصل ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪنهن ٻي هنڌان سم وٺڻ سان مسئلا پيش اچي سگهن ٿا.
مستحق عورتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به افواهه، غلط ڄاڻ يا ورغلائيندڙ ڳالهين تي اعتبار نه ڪن ۽ صحيح ڄاڻ ۽ رهنمائي لاءِ پنهنجي ويجهي بي آءِ ايس پي آفيس سان رابطو ڪن.
بي آءِ ايس پي موجب، عورتن جي حفاظت، سهولت ۽ شفاف خدمتن جي فراهمي اداري جي ترجيح آهي.