آزاد ڪشمير ۾ چونڊ ڊيوٽيءَ تي مقرر 8 پوليس اهلڪار اغوا

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير پوليس جي ترجمان ايس ايس پي خاور علي شوڪت چيو آهي ته چونڊن دوران مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن تي پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن حملا ڪيو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي آزاد ڪشمير پوليس جي ترجمان چيو ته پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن هاءِ وي پوليس جي 8 اهلڪارن کي اغوا ڪري مٿن تي تشدد ڪيو ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسايو.
هن پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي تي احتجاجي مظاهرن دوران عورتن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ جو الزام پڻ هنيو.
ايس ايس پي خاور علي شوڪت چيو ته رياستي رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي قانون موجب منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته انهن جي شرپسندي سڀني آڏو آهي، رياست نه اڳ ڪمزور هئي ۽ نه هاڻي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن نظام کي مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته رياست پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي.
آزاد ڪشمير پوليس جي ترجمان پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽي کان يرغمال بڻايل پوليس اهلڪارن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

You might also like