ڊارون (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن بنگلاديشي بالرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آسٽريليا کي پهرين اننگز ۾ 198 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڏينهن جي پڄاڻي تي بنگلاديش هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 96 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
ڊارون ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پر ڪينگروز جي پهرين اننگز 53هين اوور ۾ 198 رنسن تي ختم ٿي وئي.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر اسٽيون سمٿ کانسواءِ ڪو به بيٽر گهڻي دير وڪيٽ تي جٽاءُ نه ڪري سگهيو، سمٿ 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته جيڪ ويدرالڊ 23، ٽريوس هيڊ 22، ايلڪس ڪيري 19 ۽ ڪيمرون گرين 13 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديشي بالرن شروع کان ئي ميزبان ٽيم کي دٻاءَ هيٺ رکيو، حسن محمود 6 وڪيٽون وٺي آسٽريليا جي بيٽنگ لائين جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، جڏهن ته تسڪين احمد ۽ عبادت حسين جي حصي ۾ ٻه، ٻه وڪيٽون آيون.
جواب ۾ بنگلاديش جي شروعات به سٺي نه رهي ۽ اوپنر شادمان اسلام 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ تنزيد حسن 32 ۽ مومن الحق 35 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.
پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي تي بنگلاديش هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 96 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ آسٽريليا جي پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ بنگالي ٽائيگرز کي وڌيڪ 102 رنسون گهربل آهن.
ڊارون ٽيسٽ: حسن محمود آڏو ڪينگروز ٽِڪي نه سگهيا، سڄي ٽيم 198 تي ڍير، بنگالي ٽائيگرز جون هڪ وڪيٽ تي 98 رنسون
You might also like