ڇا بلاول ناراض ٿي ٻيهر ٻاهرين ملڪ وڃڻ وارو آهي؟

لاهور( مبشر لقمان ) پيپلز پارٽي جي اندران سٺيون خبرون نه پيون اچن. ڪجهه خبرون اهڙيون آهن جن کي ثابت نٿو ڪري سگهجي، پر سياسي طور تي توهان سمجھي سگهو ٿا. جيڪڏهن اهي خبرون سچيون آهن ته ايندڙ مهيني يا ڏيڍ مهيني اندر لڳي ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري ناراض ٿي ٻاهرين ملڪ هليو ويندو. اهڙو پهريون ڀيرو ته ناهي ٿيڻو، بلاول اڳ ۾ به وڃي چڪو آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته سندس پنهنجي والد صدر آصف علي زرداري ۽ هڪ صوبائي وزير سان سخت اختلاف آهن. صوبائي وزير  کي هو پسند نٿو ڪري، هو سمجھي ٿو ته صوبائي وزير مسلسل وڏي وزير خلاف مهم هلائي رهيو آهي. پيپلز پارٽي ۾ بلاول چاهي ٿو ته نون ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻنهي سان ويڙهه ڪئي وڃي. هن آزاد ڪشمير ۾ جهڙي قسم سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اها ٽڪراءُ واري سياست آهي. پر لڳي ائين ٿو ته پارٽيءَ اندر سندس نٿي هلي. پارٽي چاهي ٿي ته سسٽم ڊي-ريل (معطل) نه ٿئي.ايستائين جو هاڻي اها چؤٻول هلي رهي آهي ته اياز صادق جي جڳهه تي اسپيڪر ڪير بڻبو ۽ چيئرمين سينيٽ ڪير بڻبو؟ ڇو ته معاهدي موجب ڏيڍ سال کان پوءِ اهي عهدا مٽائڻا هئا. چيو پيو وڃي ته  راجا پرويز اشرف ۽ نويد قمر  اسپيڪر لاءِ اميدوار آهن، ٻئي طرف نون ليگ وارا چيئرمين سينيٽ لاءِ لابنگ ڪري رهيا آهن ۽ شهباز شريف توڙي حمزه شهباز وٽ چڪر هڻي رهيا آهن.پيپلز پارٽي لاءِ مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. جيڪڏهن سنڌ ۾  انتظامي يونٽ  بڻجي ويا ته پيپلز پارٽي کي وڏو ڌڪ رسندو، ۽ هو ان عمل کي روڪي نٿا سگهن.

You might also like