راولپنڊي/ ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ بارودي گاڏي تيار ڪرڻ دوران ڌماڪو، 18 دهشت گرد مارجي ويا، 3 شهري به شهيد ٿي ويا، بلوچستان جي ضلعي سوراب ۾ بارودي گاڏي تيار ڪرڻ دوران ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 8 دهشت گرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 شهري پڻ شهيد ٿي ويا، واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران وڌيڪ 10 دهشت گرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب صبح جو سوراب ۾ دهشت گرد هڪ گاڏي ۾ بارودي مواد لڳائي رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب بارودي گاڏي تيار ڪرڻ دوران وقت کان اڳ ڌماڪو ٿيڻ سبب 8 دهشت گرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، بيان موجب ڌماڪي سان گڏ دهشت گردن پاران اتي ذخيرو ڪيل ٻيو بارودي مواد پڻ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ويجهي علائقي ۾ موجود 3 شهري پڻ شهيد ٿي ويا، واقعي کان پوءِ ڪارروائي دوران وڌيڪ 10 دهشت گرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشت گردن جو انگ 18 ٿي ويو.