ڪشمور ويجهو فائرنگ ۾ سردار مير عالمگير ڪوش سوڌو 3 ڄڻا قتل

اوٻاوڙو/ڏهرڪي/ ڪشمور/گڊو (نمائندن وٽان) پنجاب جي علائقي چوڪ چڍھڙ لڳ گھر تي حملو،سردار عالمگير ڪوش ۽ سندس گارڊ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب جي علائقي چوڪ چڍهڙ ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪوش برادري جو چيف سردار مير عالمگير خان ڪوش، سندس گارڊ معشوق ڪوش ۽ اوطاق جي مالڪ ياسين ڪوش جو پٽ ناظم ڪوش گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا، سردار مير عالمگير خان جي مارجي وڃڻ جي خبر علائقي ۾ باهه جيان پکڙجڻ بعد سندس مٽن مائٽن، دوستن، همدردن ۽ علائقي واسين ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي، ڄاڻ موجب سردار مير عالمگير خان پنهنجي ٻن سيڪيورٽي گارڊن سان گڏ چوڪ چڍهڙ واري علائقي مان گذري رهيو هو ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ سردار مير عالمگير خان ۽ سندس ٻن گارڊن کي گوليون لڳيون، جنهن سبب ٽئي ڄڻا مارجي ويا، واقعي کان پوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب مختلف رخن کان واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، سردار مير عالمگير خان علائقي ۾ هڪ بااثر قبيلائي شخصيت طور سڃاتو ويندو هو، خاص طور تي ڪچي واري علائقي ۾ امن امان جي قيام، قبائلي تڪرارن جي خاتمي ۽ مختلف ڌرين وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ سندس اهم ڪردار رهيو ڪيترن ئي موقعن تي هن مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرائڻ ۽ علائقي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جڏهن ته واقعي جو ڪيس  مقتول جي ڀاءُ آفتاب خان ڪوش جي فرياد تي وھاب ڪوش علي حسن علي نواز سميت 8 جوابدار تي احمد پور لمه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

You might also like