سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن هوت خان گاڏهي، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو، خدا بخش درس، ڄام شوڪت ابڙو سميت ڪيتن ئي سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ احتجاج هڪ اهڙو معاملو آهي، جنهن کي رڳو ڪجهه سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري يا هڪ جماعت جي احتجاج تائين محدود ڪري ڏسڻ بدران سنڌ جي مجموعي سياسي ماحول جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪنهن به سياسي جماعت جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پرامن ، احتجاج، جلسا ريليون ۽ اظهارِ راءِ جو آئيني حق استعمال ڪري رهيا هجن ته انهن سان ڳالهين، قانوني طريقيڪار ۽ سياسي رواداريءَ سان معاملو ڪرڻ ئي جمهوري حڪومت جو طريقو هجڻ گهرجي. طاقت، گرفتاري ۽ دٻاءُ کي سياسي اختلاف جو پهريون جواب بڻائڻ سان مسئلو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ پيچيده ٿي ويندو آهي.
سنڌ جي سياسي تاريخ ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته هتي قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي ڌريون مختلف دورن ۾ پاڻي، وسيلن، زمين، ٻولي، خودمختياري، وفاقي پاليسين ۽ ٻين معاملن تي احتجاج ڪنديون رهيون آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽي به ڪيترن ئي موقعن تي احتجاجي سياست ذريعي پنهنجو موقف عوام تائين پهچايو آهي. مثال طور سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي منصوبن خلاف ايس ٽي پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن احتجاجي سرگرمين ۾ حصو ورتو آهي. ان پسمنظر ۾ جيڪڏهن هاڻوڪين گرفتارين جو بنياد به سياسي احتجاج ۽ اختلاف راءِ سان لاڳاپيل آهي ته حڪومت لاءِ سڀ کان اهم سوال اهو هجڻ گهرجي ته ڇا اهڙي ڪارروائي سان سنڌ ۾ سياسي ماحول وڌيڪ پرسڪون ٿيندو يا وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي؟
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته حڪومت سان اختلاف رکڻ کي حڪمرانن خلاف دشمني نه سمجهيو وڃي. سياسي جماعتن جو ڪم ئي اهو آهي ته اهي حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪن، سوال اٿارين، عوام کي منظم ڪن ۽ پنهنجي نقطه نظر لاءِ پرامن جدوجهد ڪن. حڪومت جو ڪم ان آواز کي دٻائڻ نه، پر ٻڌڻ ۽ جواب ڏيڻ آهي. جيڪڏهن ڪو احتجاج قانون جي دائري ۾ آهي ته ان کي برداشت ڪرڻ سياسي پختگي آهي؛ ۽ جيڪڏهن ڪنهن احتجاج دوران قانون جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته ان جو به جواب قانون جي دائري اندر ئي ڏيڻ گهرجي، نه ته اجتماعي طور تي سياسي سرگرمي کي ڏوهه بڻايو وڃي.
جيڪڏهن پرامن سياسي قوتن کي به پنهنجي سياسي سرگرمين کان روڪيو ويندو ته ان جو نتيجو اهو نڪري سگهي ٿو ته ماڻهن جو هڪ حصو اهو سمجهڻ شروع ڪري ته سياسي ۽ آئيني رستا سندن لاءِ بند ڪيا پيا وڃن. جڏهن ماڻهن کي ڳالهائڻ، احتجاج ڪرڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جا پرامن موقعا گهٽ ملندا ته سماج ۾ بي اعتمادي وڌندي آهي. ان ڪري ڪنهن به حڪومت لاءِ ضروري آهي ته اختلاف ڪندڙن کي دشمن نه سمجهي، ڇاڪاڻ ته سياسي اختلاف جمهوريت جو حصو آهي.
سنڌ جي موجوده صورتحال ۾ خاص ڪري نون صوبن جي مخالفت کان پوءِ اهو تاثر به پيدا ٿي رهيو آهي ته قومپرست جماعتن جي سياسي سرگرمين تي سختي ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن واقعي اهڙي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي ته اها انتهائي خوفناڪ غلطي هوندي. ڇو ته سنڌ ۾ قومپرست سياست کي طاقت سان ختم نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ سياست ڪرڻ جمهوري حق آهي.
حڪومت کي اهو به سوچڻ گهرجي ته سنڌ جهڙي سياسي طور پرامن صوبي ۾ طاقت جي استعمال جي هر واقعي جا ڊگها اثر ٿي سگهن ٿا. بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ سياسي، قومي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ مان ملڪ کي اڳ ئي گهڻو ڪجهه سکڻ گهرجي. انهن صوبن جي حالتن کي سنڌ سان مڪمل طور هڪجهڙو قرار ڏيڻ درست نه هوندو، پر هڪ بنيادي سبق ضرور حاصل ڪري سگهجي ٿو: جڏهن سياسي ۽ سماجي شڪايتن جو حل سياسي ڳالهين بدران مسلسل انتظامي ۽ طاقت جي طريقن سان ڳوليو وڃي ته بي اعتمادي وڌندي آهي ۽ فاصلا پيدا ٿيندا آهن.
ان ڪري سنڌ کي اهڙي ڪنهن به رستي تي وڃڻ کان بچائڻ سڀني جي ذميواري آهي، جنهن سان پرامن سياسي ماحول اشتعال ۾ تبديل ٿئي. جيڪڏهن قومپرست جماعتون پرامن احتجاج ڪري رهيون آهن ته حڪومت کي سندن احتجاج جو حق تسليم ڪرڻ گهرجي. ساڳئي وقت احتجاج ڪندڙن تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پنهنجي جدوجهد کي پرامن رکن، سرڪاري ۽ نجي ملڪيت کي نقصان نه پهچائن، عام ماڻهن جي زندگي ۽ ڪاروبار کي غيرضروري طور متاثر نه ڪن ۽ قانون جي حدن اندر پنهنجو سياسي موقف پيش ڪن. حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙ ڌريون ٻئي جيڪڏهن قانون ۽ عدم تشدد جي اصولن تي قائم رهن ته اختلاف باوجود سماج ۾ امن برقرار رهي سگهي ٿو.
حڪومت کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته پرامن سنڌ رڳو سنڌ حڪومت جي نه، سڄي ملڪ جي ضرورت آهي. ملڪ اڳ ئي سياسي ۽ معاشي دٻاءَ، علائقائي بيچيني ۽ امن امان جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن به صوبي کي سياسي ڇڪتاڻ جي نئين دائري ۾ ڌڪڻ ملڪ جي مفاد ۾ نه هوندو. جيڪڏهن سنڌ ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهائڻ بدران مسلسل گرفتاريون ۽ سختيون ٿينديون ته ان سان نه رڳو سنڌ حڪومت خلاف بي اعتمادي وڌندي، پر وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ به فاصلا وڌي سگهن ٿا.
سنڌ کي بلوچستان يا خيبر پختونخوا جهڙي ڪنهن به نئين ڇڪتاڻ واري صورتحال ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ جو بهترين رستو سياسي آزادي، قانون جي حڪمراني، انصاف ۽ ڳالهين جو دروازو کليل رکڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ اهو خيال آهي ته پرامن سياسي جماعتن کي دٻائي سنڌ کي خاموش ڪرائي سگهجي ٿو ته اها تاريخ کان بي خبري هوندي. سنڌ جي سياسي شعور کي طاقت سان خاموش ڪرائڻ بدران ان سان دليل ۽ جمهوريت جي زبان ۾ ڳالهائڻ ئي بهتر رستو آهي.