شاهراهه فيصل تي ڌرڻا ڪراچي ۾ مڊل ڪلاس جي تحريڪ اٿڻ جو اشارو؟

ڪراچي(ارباب چانڊيو)ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي مير رضا جي قتل خلاف لڳندڙ پرامن ڌرڻا ويجهي مستقبل ۾ مڊل ڪلاس جي تحريڪ جو اشارو ٿي سگهن ٿا،ٽي تلوار تي لڳندڙ ڌرڻا اڪثر اپر ڪلاس جا هوندا آهن، شاهراهه فيصل واري تحريڪ مڊل ڪلاس جي تحريڪ آهي،اتي ڪنهن به مذهبي، لساني، رنگ، نسل جي  فرق کانسواءِ نوجوان ۽ عورتون شريڪ آهن،اها تحريڪ جيڪڏهن بنگلاديش ،نيپال ،ڀارت، سريلنڪا جي ماڻهن وانگر اٿي ته پوءِ اشرافيه لاءِ پريشانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون،هن تحريڪ کي توهان شروعاتي هلچل طور ڏسي سگهو ٿا،مڊل ڪلاس جي نوجوانن کي هاڻي اهو اندازو ٿي ويو آهي ته اهي پنهنجو حق ڪيئن وٺي سگهن ٿا،انصاف جي ادارن کي مجبور ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟هڪ طرح سان انهن احتجاج ڪري حڪومت کي مجبور ڪيو ته قتل ڪيس جي جاچ غلط طريقي سان ٿي آهي،هاڻي حڪومت به مڃي رهي آهي ته ڪيس ۾ ڪوتاهيون ۽ غلطيون ٿيون آهن،وڏو وزير،آءِ جي سنڌ تائين سڀ تسليم ڪري رهيا آهن،شاهراهه فيصل وارو احتجاج ڪراچي جي نوجوانن جو بغير ڪنهن رنگ نسل جي مڊل ڪلاس جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو،مير رضا ڪيس ۾ جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته اها تحريڪ رڳو شاهراهه فيصل جي تحريڪ نه سڏرائبي بلڪه پوري شهر ۾ پکڙجي سگهجي ٿي

You might also like