ٽه طرفي ميثاق مڪه: نئون علائقائي سلامتي جو نظام

زاهد حسين

گذريل هفتي ترڪي، سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل ٽه طرفي دفاعي معاهدو خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اسٽريٽجڪ منظرنامي کي نئين شڪل ڏيندڙ سڀ کان اهم جيو پوليٽيڪل اڳڀرائي آهي. اهو معاهدو اهڙي وقت ٿيو آهي، جڏهن هڪ جنگ جاري آهي، جيڪا رڳو خطي کي متاثر نه ڪري رهي آهي، پر سڄي دنيا لاءِ به پري رس اثر رکي ٿي. اهي ٽي ملڪ وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ تائين پکڙيل آهن. مختلف نوعيت جي سلامتي وارن چئلينجن کي منهن ڏيڻ باوجود، اهي ٽيئي ملڪ هاڻي گڏيل دفاعي معاهدي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا آهن. سعودي عرب ۽ پاڪستان اڳ ئي گذريل سال ٿيل هڪ ٻه طرفي معاهدي ۾ ٻڌل هئا، پر ترڪي جي شموليت سان ان معاهدي جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿي ويو آهي. انهن ٽنهي ملڪن جي گڏيل طاقت کين خطي ۾ هڪ مضبوط ۽ اثرائتي قوت بڻائي ڇڏيو آهي.

جيتوڻيڪ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جو مڪمل متن عام نه ڪيو ويو آهي، پر ان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ”ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ خلاف هٿياربند حملو، سڀني خلاف حملو تصور ڪيو ويندو.“ معاهدي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته هي معاهدو ڪنهن به ملڪ خلاف ناهي، پر ٻاهرين جارحيت کي روڪڻ لاءِ دفاعي بچاءَ جو ذريعو آهي. تنهن هوندي به، ان ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته گڏيل خطرو ڪهڙي طرفان آهي.

اهو سوال ان وقت وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو، جڏهن هي ٽه طرفي معاهدو اهڙي مرحلي تي سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪا جي ايران خلاف جنگ جاري آهي ۽ اسرائيل پنهنجي توسيع پسند جنگ کي جاري رکندي علائقائي سلامتي لاءِ خطرو بڻيل آهي. سعودي عرب هن جنگ کان سڌو سنئون متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ترڪي نسبتاً پري رهيا آهن. مڪي معاهدي کي نيٽو جي آرٽيڪل 5 سان مشابهت ڏني پئي وڃي، پر ڪنهن به فوجي ڪارروائي لاءِ اڃا به سياسي فيصلي جي ضرورت هوندي. فوري طور تي ان معاهدي جو عملي ڌيان انٽيليجنس جي ڏي وٺ ۽ دشمن کي روڪڻ واري حڪمت عملي تي ٿي سگهي ٿو.

نئين قائم ٿيل دفاعي بلاڪ کي مسلمان اتحاد يا خاص طور تي سني اتحاد قرار ڏيڻ غلط ٿيندو. هي خطي ۾ اڀرندڙ هڪ نئين سلامتي واري ڍانچي جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪو آمريڪا تي انحصار گهٽائڻ ۽ اسرائيل جي توسيع پسند ايجنڊا کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. خليج جا ٻيا ملڪ، جيڪي پنهنجي سرزمين تي موجود آمريڪي فوجي اڏن کي ايران پاران نشانو بڻائڻ سبب وڏي نقصان کي منهن ڏئي چڪا آهن، اهي به هن اتحاد ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. مڪي معاهدي خطي جي اسٽريٽجڪ منظرنامي کي بنيادي طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪا جي وچ اوڀر جي اتحادي ملڪن لاءِ دفاعي ضمانت ڏيندڙ طور اعتبار بابت سوال اٿيا آهن. سلامتي يقيني بڻائڻ بدران آمريڪي فوجي اڏن جي موجودگي انهن ملڪن کي، جن مان ڪيترن جا واشنگٽن سان دفاعي معاهدا به آهن، وڌيڪ غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. تنهن هوندي به آمريڪا تي انحصار گهٽائڻ جو مطلب اهو ناهي ته آمريڪا سان لاڳاپا ختم ڪيا وڃن.

ٽنهي ملڪن جا واشنگٽن سان سٺا لاڳاپا برقرار آهن، جيتوڻيڪ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف بنا ڪنهن جواز جي جنگ ۽ اسرائيل جي توسيع پسند ايجنڊا جي مسلسل حمايت ذريعي خطي کي غير مستحڪم ڪيو آهي. واشنگٽن طرفان هن اتحاد تي حيرت انگيز خاموشي نظر اچي رهي آهي. مصر به انهن ملڪن مان هو، جنهن جي هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي اميد ڪئي پئي وئي. اتر آفريڪا جو هي ملڪ انهن ٽنهي اتحادي ملڪن سان گڏ هڪ چوٿين ڌر جي شڪل ۾ شامل رهيو آهي ۽ تڪرار جو ڳالهين ذريعي حل ڳولڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. پر قاهره کي خدشو آهي ته اهڙي علائقائي سلامتي واري ڍانچي ۾ شامل ٿيڻ سان اسرائيل سان ٿيل سندس امن معاهدو متاثر ٿي سگهي ٿو. ڪجهه تجزيه نگارن موجب قاهرو هن معاهدي کي فوجي اوزار کان وڌيڪ سياسي اوزار طور ڏسي رهيو آهي. ان جي باوجود اتحاد ۾ اميد برقرار آهي ته مصر ڪنهن مرحلي تي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿي ويندو.

ايران جو هن معاهدي بابت مليل جليل ردعمل معاملي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو. پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ پيغام جاري ڪندي مسلمان ملڪن تي زور ڏنو ته هو متحد ٿين ۽ اهڙي وقت ۾ هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪن، جڏهن کين پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ ۽ حقيقي ڀائيچاري کي اختيار ڪرڻ گهرجي. سندس پيغام مان واضح نه ٿي سگهيو ته هو ٽه طرفي معاهدي جو حوالو ڏئي رهيو هو يا نه. ان کان اڳ به عراقچي بابت رپورٽ ٿيو هو ته تهران خليجي ملڪن سان گڏجي نئون علائقائي سلامتي وارو ڍانچو ٺاهڻ لاءِ تيار آهي. سندس موقف هو ته تازن واقعن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته خطي جي ملڪن کي پنهنجي سلامتي جي ذميواري پاڻ کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به سلامتي واري ڍانچي ۾ معاشي سهڪار به شامل هجڻ گهرجي ۽ خطي کان ٻاهر جي فوجي طاقتن کي ان کان پري رکڻ گهرجي.

ٻئي طرف، پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ميمبر ابراهيم رضائي چيو ته ”سعودين کي سمجهڻ گهرجي ته ترڪي ۽ پاڪستان سان ڪاغذي معاهدو کين سلامتي فراهم نه ڪندو، جيئن آمريڪا تي ڏهاڪن تائين هڪ طرفي انحصار به ائين نه ڪري سگهيو.“ سندس بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايراني قيادت جي ڪجهه حلقن ۾ هن معاهدي بابت شڪ موجود آهن. تنهن هوندي به رپورٽن موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته هي معاهدو آمريڪا بابت خطي جي بدلجندڙ سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ دليل ڏنو ته خطي جا ملڪ هاڻي واشنگٽن تي ڀروسو نٿا ڪري سگهن. امڪاني طور تي مڪي معاهدي تي اسرائيل جي ساڄي ڌر جي حڪومت سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي، جيڪا هن اڳڀرائي کي پنهنجي سلامتي لاءِ سنگين خطرو سمجهي ٿي. ڀارت کي به هن ٽه طرفي معاهدي تي ڳڻتي آهي، جنهن ۾ پاڪستان هڪ اهم ڌر آهي. ڪجهه رپورٽن موجب هن معاهدي ڀارت ۽ اسرائيل وچ ۾ سلامتي واري سهڪار کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي.

7 آگسٽ تي، يعني ٽه طرفي معاهدي تي صحيح ٿيڻ واري ڏينهن، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ سندس اسرائيلي هم منصب بينجمن نيتن ياهو ٽيليفون تي ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ”خصوصي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ“ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن هن سال مودي جي اسرائيل جي سرڪاري دوري دوران پنهنجي لاڳاپن کي ”امن، جدت ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ“ جي درجي تائين وڌايو هو. ان دوري دوران دفاع ۽ ٽيڪنالاجي بابت ڪيترائي عملي معاهدا به ٿيا. اسرائيلي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن تسليم ڪيو ته هاڻي کين هڪ گڏيل اسٽريٽجڪ چئلينج درپيش آهي: اهڙو بلاڪ، جنهن وٽ سعودي عرب جي مالي طاقت، ترڪي جا ڊرون ۽ ايٽمي هٿيارن سان ليس پاڪستان موجود آهي.

مڪي معاهدي خطي جي اسٽريٽجڪ منظرنامي کي بنيادي طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پر ان ڳالهه بابت به سوال موجود آهن ته مختلف سلامتي وارن خدشن رکندڙ اهي ملڪ عملي طور تي هن ڀائيواري کي ڪيئن هلائيندا. گڏيل دفاعي حڪمت عملي تي اتفاق ڪرڻ باوجود، هر ملڪ پنهنجا الڳ تڪرار ۽ سلامتي جا مسئلا پڻ کڻي اچي ٿو. ان سان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اتحادي ملڪ هڪ ٻئي جي تڪرارن ۾ به ڇڪجي ويندا؟ پاڪستان لاءِ بنيادي سلامتي جو خطرو ڀارت مان آهي، جڏهن ته نيٽو جو ميمبر ترڪي ايجين سمنڊ ۾ يونان سان ڊگهي عرصي کان علائقائي تڪرار رکي ٿو. هڪ راءِ اها به آهي ته عملي طور تي هي معاهدو ترڪي يا پاڪستان جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب جي انهن فوري سلامتي وارن خدشن بابت وڌيڪ آهي، جيڪي خطي ۾ موجود غير رياستي گروهن مان پيدا ٿين ٿا. اهي اهڙا مسئلا آهن، جن لاءِ وڌيڪ مربوط ۽ گڏيل ردعمل جي ضرورت پوندي. هن معاهدي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي سوالن باوجود، مڪي معاهدو ان ڳالهه ۾ هڪ فيصلائتو موڙ آهي ته خطي جون وڏيون طاقتون پنهنجي سلامتي کي هاڻي ڪهڙي انداز سان ڏسن ٿيون.

You might also like