هڪ تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جم وڃڻ واري هڪ شخص جي اي آءِ اسسٽنٽ هڪ مشهور ڪلاس ۾ جڳهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش دوران جم جي آن لائين بُڪنگ نظام ۾ موجود هڪ سيڪيورٽي خامي ڳولي لڌي.
رپورٽ موجب، آسٽريليا جي هڪ اي آءِ ڪمپني سان لاڳاپيل اينڊريو نالي شخص صبح جي هڪ اهڙي جم ڪلاس ۾ جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ هٿرادو ڏاهپ تي ٻڌل ايجنٽ سافٽ ويئر اوپن ڪلا کي اينٿروپڪ جي اي آءِ بوٽ ڪلاوڊ سان گڏ استعمال ڪيو، جنهن جون سڀ سيٽون اڳ ئي ڀرجي ويون هيون.
ڪلاس ۾ جاءِ ڳوليندي اي آءِ ايجنٽ جم جي آن لائين بُڪنگ نظام ۾ موجود هڪ اهڙي سيڪيورٽي خامي دريافت ڪري ورتي، جنهن بابت اڳ ۾ ڪنهن کي خبر نه هئي. ايجنٽ ان خامي جو فائدو وٺندي لسٽ ۾ موجود ٻين سڀني جم ميمبرن کي سندن جڳهن تان هٽائي ڇڏيو.
انکانپوءِ جڏهن اينڊريو اي آءِ ايجنٽ کي اها ڪارروائي واپس وٺڻ لاءِ چيو ته ايجنٽ ٻڌايو ته متاثر ٿيل ماڻهن کي ٻيهر لسٽ ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ائين ڪرڻ ممڪن نه هوندو. جڏهن ته ٻيهر شامل ٿيڻ جي صورت ۾ اهي ماڻهو قطار ۾ سڀ کان آخر ۾ هليا ويندا.
اي آءِ ايجنٽ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو ته ”خراب خبر اها آهي ته سسٽم انهن کي ٻيهر شامل نٿو ڪري سگهي. معذرت، سسٽم کي هن ٽيسٽ دوران وڌيڪ محتاط رهڻ گهرجي ها ۽ لائيو ڪارروائي ڪرڻ بدران پهريان ڊرائي رن طريقو استعمال ڪرڻ گهرجي ها. ٻيهر ڪنهن ٻئي جي جاءِ کي هٿ نه لائيندس.“