سريلنڪا جو ڀارت خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان، ڊڪوِيلا ۽ مدوشنڪا جي واپسي

گال (ويب ڊيسڪ) ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ سريلنڪا پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر نيروشن ڊڪوِيلا ۽ فاسٽ بالر دلشان مدوشنڪا جي واپسي ٿي آهي، جڏهن ته ڪيشرا نوانٿا ۽ پاسندو سوريابندارا کي پهريون ڀيرو ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڊڪويلا جي ٽن سالن کانپوءِ ٽيسٽ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، هن آخري ڀيرو مارچ 2023ع ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏي هئي، هو ڪوشال مينڊس جي غير موجودگي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو هيمسٽرنگ انجري سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پٿم نِسانڪا به انجري ۽ سرجري کانپوءِ صحتيابي واري مرحلي ۾ آهي، جنهن سبب هو چونڊ لاءِ دستياب نه هو
فاسٽ بالر دلشان مدوشنڪا به اسڪواڊ ۾ واپس آيو آهي، هن رڳو هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏي آهي ۽ سندس نالي ڪا به وڪيٽ ناهي.
سريلنڪا هوم سيريز لاءِ غيرمعمولي طور تي چار اسپيشلسٽ فاسٽ بالر چونڊيا آهن.
اسپن بالنگ ۾ پرڀات جئسوريا اهم ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته ڪيشرا نوانٿا يا رميش مينڊس مان ڪنهن هڪ کي به موقعو ملي سگهي ٿو.
ڀارت خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ ڌننجيا ڊي سلوا (ڪپتان)، لاهيرو اُدرا، نيشان مدوشڪا، ڪمنڊو مينڊس، دنيش چنديمل، پاسندو سوريابندارا، سونل ڊينوشا، نيروشن ڊڪوِيلا، رميش مينڊس، پرڀات جئسوريا، ڪيشرا نوانٿا، ملان رٿنائڪا، اسٿا فرنينڊو، لاهيرو ڪمارا، وشوا فرنينڊو ۽ دلشان مدوشنڪا شامل آهن.
ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ڇنڇر، 15 آگسٽ 2026ع تي گال ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 23 آگسٽ تي ڪولمبو جي ايس ايس سي گرائونڊ ۾ شيڊيول آهي.

You might also like