نوان صوبا وقت جي اهم گهرج آهن، ملڪ هيڻو نه پر مضبوط ٿيندو: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ورجائيندي چيو آهي ته نون صوبن جو قيام وقت جي اهم گهرج آهي.
پنهنجي بيان هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ وقت ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ ساڍا 3 ڪروڙ هئي ۽ صوبن جو انگ 4 هو، جڏهن ته اڄ آبادي ساڍا 26 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي، پر صوبا اڃا تائين 4 ئي آهن.
سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته نون صوبن جي قيام سان ملڪ ڪمزور نه، پر وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
هن پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ دفاعي سهڪار جي آجيان ڪندي چيو ته ان جو سهرو فيلڊ مارشل عاصم منير، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ڏانهن وڃي ٿو.
وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ڏڦيڙ پسند عنصر هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت فوج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان پاڻ کان 6 ڀيرا وڏي فوج کي شڪست ڏني

 

You might also like